آمريڪي آرمي سيڪريٽري سال جي آخر تائين عهدو ڇڏي سگهي ٿو: وال اسٽريٽ جرنل

واشنگٽن- 22 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي آرمي سيڪريٽري ڊين ڊرسڪول هلندڙ سال جي آخر تائين پنهنجي عهدي کان استعفيٰ جي ڏيڻ جو امڪان آهي. وال اسٽريٽ جرنل باخبر ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو ته ڊين ڊرسڪول ۽ آمريڪي دفاع واري وزير پيٽ هيگسٿ وچ ۾ ڪيترن ئي مهينن کان ڇڪتاڻ جاري آهي، جنهن سبب آرمي سيڪريٽري پاران عهدو ڇڏڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. رپورٽ مطابق هلندڙ گرمين …

واشنگٽن- 22 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي آرمي سيڪريٽري ڊين ڊرسڪول هلندڙ سال جي آخر تائين پنهنجي عهدي کان استعفيٰ جي ڏيڻ جو امڪان آهي. وال اسٽريٽ جرنل باخبر ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو ته ڊين ڊرسڪول ۽ آمريڪي دفاع واري وزير پيٽ هيگسٿ وچ ۾ ڪيترن ئي مهينن کان ڇڪتاڻ جاري آهي، جنهن سبب آرمي سيڪريٽري پاران عهدو ڇڏڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. رپورٽ مطابق هلندڙ گرمين جي موسم ۾ ڊين ڊرسڪول ۽ سندس ڪٽنب ڀاتين جوائنٽ بيس مائر-هينڊرسن هال ۾ آرمي سيڪريٽري لاءِ مخصوص گهر به خالي ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته اپريل ۾ دفاع واري وزير پيٽ هيگسٿ ذمريڪي آرمي چيف جنرل ريڊي جارج کان عهدو ڇڏي فوري ريٽائرمينٽ وٺڻ لاءِ چيو هو، پر ان جو ڪو سبب ناهي ٻڌايو ويو. صدر ڊونلڊ ٽرمپ هن وقت تائين آرمي چيف جي مستقل متبادل کي نامزد ناهي ڪيو.