سعودي عرب جي توانائي واري وزير جي عراقي هم منصب سان ملاقات. خطي جي صورتحال ۽ انرجي سيڪيورٽي تي خيالن جي ڏي وٺ

رياض- 22 آگسٽ (اي پي پي) سعودي عرب جي توانائي، صنعت ۽ معدني وسيلن بابت وزير شهزاده عبدالعزيز بن سلمان ۽ ناڻي واري وزير محمد الجدعان سان رياض ۾ عراق جي ناڻي واري وزير فالح عبداشي ۽ پيٽروليم بابت وزير باسم محمد حضير العبادي ملاقات ڪئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ملاقات ۾ سعودي عرب ۽ عراق جي گڏيل دلچسپي جي معاملن، ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفادن کي هٿي ڏيڻ لاءِ مختلف …

رياض- 22 آگسٽ (اي پي پي) سعودي عرب جي توانائي، صنعت ۽ معدني وسيلن بابت وزير شهزاده عبدالعزيز بن سلمان ۽ ناڻي واري وزير محمد الجدعان سان رياض ۾ عراق جي ناڻي واري وزير فالح عبداشي ۽ پيٽروليم بابت وزير باسم محمد حضير العبادي ملاقات ڪئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ملاقات ۾ سعودي عرب ۽ عراق جي گڏيل دلچسپي جي معاملن، ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفادن کي هٿي ڏيڻ لاءِ مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، خطي جي تازي صورتحال، انرجي سيڪيورٽي ۽ توانائي جي سپلاءِ جي استحڪام جي حوالي سان ڪوششن جو به جائزو ورتو ويو.