يوڪرين شاپنگ سينٽر تي روسي ڊرون حملو، 14 ڄڻا مارجي ويا، 121 زخمي

ڪيف- 22 آگسٽ (اي پي پي) يوڪرين جي جي شهر ڪريوي ريه ۾ هڪ شاپنگ سينٽر تي روسي ڊرون حملي جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 14 ڄڻا مارجي ۽ 121 زخمي ٿي پيا. پرڏيهي ميڊيا مطابق اختيارين ٻڌايو ته زخمين ۾ 5 ٻارن سميت 29 ماڻهن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي ٻڌايو ته شاپنگ سينٽر کي ٻن مرحلن ۾ ڊرون حملن جو نشانو بڻايو …

ڪيف- 22 آگسٽ (اي پي پي) يوڪرين جي جي شهر ڪريوي ريه ۾ هڪ شاپنگ سينٽر تي روسي ڊرون حملي جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 14 ڄڻا مارجي ۽ 121 زخمي ٿي پيا. پرڏيهي ميڊيا مطابق اختيارين ٻڌايو ته زخمين ۾ 5 ٻارن سميت 29 ماڻهن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي ٻڌايو ته شاپنگ سينٽر کي ٻن مرحلن ۾ ڊرون حملن جو نشانو بڻايو ويو. هن چيو ته ٻيو حملو، پهرين حملي جي اٽڪل اڌ ڪلاڪ بعد امدادي ڪارڪنن کي نشانو بڻائيندي ڪيو ويو. زيلنسڪي حملي کي دهشتگردي جي ڪارروائي قرار ڏيندي عالمي برادري کان ان جو مناسب جواب ڏيڻ جو مطالبو ڪيو.