واشنگٽن- 22 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪا ۽ ميسڪيڪو نئين واپاري معاهدي تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته آمريڪا ۽ ڪئناڊا وچ ۾ واپاري معاملن تي به وڏي حد تائين اتفاق راءِ ٿي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا واشنگٽن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي صدر ٽرمپ چيو ته ميڪسيڪو سان هڪ نئين ۽ آمريڪا لاءِ وڌيڪ بهتر واپاري معاهدي لاءِ ڳالهه ٻولهه شروع …
آمريڪا ۽ ميڪسيڪو وچ ۾ نئين واپاري معاهدي تي ڪم شروع
واشنگٽن- 22 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪا ۽ ميسڪيڪو نئين واپاري معاهدي تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته آمريڪا ۽ ڪئناڊا وچ ۾ واپاري معاملن تي به وڏي حد تائين اتفاق راءِ ٿي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا واشنگٽن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي صدر ٽرمپ چيو ته ميڪسيڪو سان هڪ نئين ۽ آمريڪا لاءِ وڌيڪ بهتر واپاري معاهدي لاءِ ڳالهه ٻولهه شروع ڪئي پئي وڃي. هن ٻڌايو ته ڪئناڊا سان به واپار بابت معاملن تي وڏي حد تائين معاهدو طئي ٿي چڪو آهي. رپورٽ مطابق گذريل مهيني آمريڪي واپاري نمائندي جيميسن گريئر چيو هو ته آمريڪا ۽ ميڪسيڪو جا عملدار ايشيا مان مينوفيڪچرنگ کي اتر آمريڪا منتقل ڪرڻ جي معاملي تي تعميري ڳالهيون ڪري رهيا آهن. صدر ٽرمپ ان کان اڳ ميڪسيڪو تي نوان ۽ وڏا درآمدي ٽيڪس لڳائڻ جي ڌمڪي ڏئي چڪو آهي.












