لنڊن- 22 آگسٽ (اي پي پي) وڏي کنڊ يورپ ۾ هلندڙ سال مسلسل شديد گرمي جي لهر ۽ سوڪهڙي دوران گهٽ ۾ گهٽ 30 هزار اضافي فوتگيون ٿيون آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق سائنسدانن جو چوڻ آهي ته ان شديد گرمي جو وڏو سبب انساني سرگرمين سبب پيدا ٿيل موسمياتي تبديلي آهي. يورپ جي 23 ملڪن ۾ فوتگين جي شرح جي ڀيٽ ڪندڙ مانيٽرنگ پليٽ فارم يورومومو جي شروعاتي اندازي مطابق …
شديد گرمي سبب متاثر يورپ ۾ هلندڙ سال 30 هزار اضافي فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون: رپورٽ
لنڊن- 22 آگسٽ (اي پي پي) وڏي کنڊ يورپ ۾ هلندڙ سال مسلسل شديد گرمي جي لهر ۽ سوڪهڙي دوران گهٽ ۾ گهٽ 30 هزار اضافي فوتگيون ٿيون آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق سائنسدانن جو چوڻ آهي ته ان شديد گرمي جو وڏو سبب انساني سرگرمين سبب پيدا ٿيل موسمياتي تبديلي آهي. يورپ جي 23 ملڪن ۾ فوتگين جي شرح جي ڀيٽ ڪندڙ مانيٽرنگ پليٽ فارم يورومومو جي شروعاتي اندازي مطابق اضافي فوتگين جو انگ 32 هزار رهيو. جولاءِ جي وچ واري عرصي کان آگسٽ جي وچ واري عرصي تائين يورپ ۾ 32 هزار کان وڌيڪ اضافي فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون، جڏهن ته گرمي جو موسم هن وقت تائين ختم ناهي ٿيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق آسٽريا، بيلجيئم، برطانيا، فرانس، جرمني، نيدرلينڊز، پرتگال ۽ اسپين ۾ گرمي سبب ٿيل يا اضافي فوتگين جو انگ 33 هزار تائين پهچي چڪو آهي. رپورٽ مطابق جون جو آخري هفتو گرمين جي موسم جو سڀني کان وڌيڪ موتمار هفتو رهيو، جنهن ۾ اٽڪل 16 هزار فوتگيون ٿيون.












