نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اجلاس

اسلام آباد- 21 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جمعي ڏينهن هتي هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ ايندڙ هفتن دوران پاڪستان جي طئي ٿيل اعلى سطح جي سفارتي مصروفيتن جو جائزو ورتو ويو. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم ايندڙ سفارتي سرگرمين جي حوالي سان اهم ترجيحن تي خاص ڌيان ڏيڻ جي هدايت ڪندي پاڪستان جي سفارتي مقصدن کي موثر انداز ۾ …

اسلام آباد- 21 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جمعي ڏينهن هتي هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ ايندڙ هفتن دوران پاڪستان جي طئي ٿيل اعلى سطح جي سفارتي مصروفيتن جو جائزو ورتو ويو. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم ايندڙ سفارتي سرگرمين جي حوالي سان اهم ترجيحن تي خاص ڌيان ڏيڻ جي هدايت ڪندي پاڪستان جي سفارتي مقصدن کي موثر انداز ۾ اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ضروري رهنمائي فراهم ڪئي. سينيٽر محمد اسحاق ڊار انهن اهم مصروفيتن جي تيارين جو جائزو پڻ ورتو ۽ انهن جي ڪامياب انعقاد جي لاءِ سمورن لاڳاپيل شعبن جي وچ ۾ موثر ۽ ٺوس تعاون جي اهميت تي زور ڏنو. اجلاس ۾ پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ ۽ پرڏيهي وزارت جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.