راولپنڊي-21 آگسٽ (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، نشان امتياز (ملٽري)، هلال جرئت ان عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ته دشمن جي ناپاڪ ارادن کي قوم جي اجتماعي عزم ۽ رياست جي پختي، پرعزم ۽ فيصلائتي ڪارروائي ذريعي ناڪام بڻايو ويندو، دشمن جي پروپيگنڊا جو جامع ۽ بنا ڊپ جي مقابلو ڪرڻ، ڪوڙن بيانن کي بي نقاب ڪرڻ ۽ …
دشمن جي ناپاڪ ارادن کي قوم جي اجتماعي عزم ۽ رياست جي پختي جذبي ۽ فيصلائتي ڪارروائي ذريعي ناڪام بڻايو ويندو: فيلڊ مارشل سيد عاصم منير

مزید خبریں
راولپنڊي-21 آگسٽ (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، نشان امتياز (ملٽري)، هلال جرئت ان عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ته دشمن جي ناپاڪ ارادن کي قوم جي اجتماعي عزم ۽ رياست جي پختي، پرعزم ۽ فيصلائتي ڪارروائي ذريعي ناڪام بڻايو ويندو، دشمن جي پروپيگنڊا جو جامع ۽ بنا ڊپ جي مقابلو ڪرڻ، ڪوڙن بيانن کي بي نقاب ڪرڻ ۽ بلوچستان ۽ اتان جي عوام جي حقيقي صلاحيت، ترقي ۽ خواهشن کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. جمعي ڏينهن پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي ( آءِ ايس پي آر) پاران جاري بيان مطابق چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، نشان امتياز (ملٽري)، هلال جرئت بلوچستان جي مشهور شخصيتن ۽ سياسي قيادت سان ملاقات ڪئي جنهن دوران چيف آف ڊفينس فورسز ان ڳالهه تي زور ڀريو ته بلوچستان ۽ پاڪستان جو حال ۽ مستقبل هڪ آهي ۽ هميشه هڪ ئي رهندو. هن چيو ته بلوچستان باصلاحيت، ثابت قدم ۽ باوقار ماڻهن جي سرزمين آهي. هن چيو ته واضح قومي بيانيو، پائيدار امن ۽ استحڪام صوبي جي حقيقي معاشي صلاحيتن کي استعمال ڪرڻ، سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ۽ بلوچستان جا وافر انساني ۽ قدرتي وسيلا عوام جي حقيقي خوشحالي ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ بنيادي اهميت رکن ٿا. فيلڊ مارشل ان ڳالهه تي زور ڀريو ته بلوچستان جي نوجوانن ۾ صلاحيت ۽ موقعن جي ڪا کوٽ ناهي، نوجوان اسان جي معاشري جو سڀ کان متحرڪ ۽ اميد ڀريو طبقو آهن. هن چيو ته نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ ۽ کين ملڪي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ پائيدار ترقي لاءِ مرڪزي حيثيت رکي ٿو. چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز چيو ته فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندوستان پرڏيهي سرپرستي ۾ ڪم ڪندڙ پراڪسيز آهن جن کي دشمن عنصر بلوچستان کي عدم استحڪام جو شڪار ڪرڻ، ان جي ترقي ۾ رڪاوٽ وجهڻ ۽ رياست ۽ عوام وچ ۾ ڏار پيدا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته دشمن جا اهي ناپاڪ ارادا قوم جي اجتماعي عزم ۽ رياست جي پختي، پرعزم ۽ فيصلائتي ڪارروائي ذريعي ناڪام بڻايا ويندا. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير بلوچستان جي مشهور شخصيتن ۽ سماجي اڳواڻن پاران امن کي هٿي ڏيڻ، سماجي هم آهنگي جي استحڪام ۽ تعميري قومي ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ ۾ ڪردار کي ساراهيو. هن زور ڀريو ته دشمن جي پروپيگنڊا جو جامع ۽ بنا ڊپ مقابلو ڪرڻ، ڪوڙن بيانن کي بي نقاب ڪرڻ ۽ بلوچستان ۽ اتان جي عوام جي حقيقي صلاحيت، ترقي ۽ خواهشن کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن واضح ڪيو ته بلوچستان جي تقدير رڳو بلوچستان جي عوام جي هٿن ۾ آهي. مشهور شخصيتن ۽ شرڪت ڪندڙن بلوچستان ۽ پاڪستان جي امن، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هنن پرڏيهي سرپرستي سبب پيدا ٿيل خطرن خلاف رياست ۽ هٿياربند فوج سان گڏ بيٺل رهڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. شرڪت ڪندڙن عوام جي ترقي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي پختي عزم جو اظهار ڪيو ته جيئن پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال بلوچستان جي جوڙ جڪ ممڪن ٿئي جتي رڳو سچ جي فتح ٿئي ۽ دشمن قوتن جو بيانيو سندن پنهنجي پروپيگنڊا ۽ ڪوڙ جي بار هيٺ دفن ٿي وڃي.











