چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان شام جي پرڏيهي وزير اسعد حسن الشيباني جي ملاقات

راولپنڊي-21 آگسٽ(اي پي پي)چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پاڪستان ۽ شام جي گڏيل سيڪيورٽي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ سهڪار ۽ گڏيل ڪوششن جي اهميت تي زور ڀريو آهي. جمعي ڏينهن پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) پاران جاري بيان مطابق چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، نشان …

راولپنڊي-21 آگسٽ(اي پي پي)چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پاڪستان ۽ شام جي گڏيل سيڪيورٽي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ سهڪار ۽ گڏيل ڪوششن جي اهميت تي زور ڀريو آهي. جمعي ڏينهن پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) پاران جاري بيان مطابق چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، نشان امتياز (ملٽري)، هلال جرئت سان شام جي پرڏيهي وزير اسعد حسن الشيباني پنهنجي وفد سان گڏ جنرل هيڊڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) راولپنڊي ۾ ملاقات ڪئي جنهن دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن، علائقائي سيڪيورٽي جي صورتحال ۽ ٻه طرفي دفاعي ۽ سيڪيورٽي سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز شام سان پاڪستان جي پراڻن ڀائراڻن لاڳاپن کي اجاگر ڪيو ۽ عالمي امن ۽ علائقائي استحڪام جي حوالي سان پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪيو. هن گڏيل سيڪيورٽي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ سهڪار ۽ گڏيل ڪوششن جي اهميت تي زور ڀريو. شام جي پرڏيهي وزير علائقائي امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ ۾ پاڪ فوج جي پيشيوراڻي ڪردار کي ساراهيو. ٻنهي طرفن کان ٻه طرفن ناتن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، دفاع ۽ سيڪيورٽي جي شعبن ۾ رابطن ۽ سهڪار کي هٿي ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو.