چين ۽ گڏيل عرب امارات هلندڙ مهيني جي آخر کان گڏيل فضائي تربيتي مشقون ڪندا

بيجنگ-21 آگسٽ (اي پي پي) چين ۽ گڏيل عرب امارات جي فضائي فوج آگسٽ جي آخر کان اتر اولهه چين جي سنڪيانگ ۽ خودمختيار علائقي جي شهر خوتان ۾ گڏيل فضائي تربيتي مشقون ڪندا. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه چين جي قومي دفاع واري وزارت جمعي تي هڪ بيان ۾ ٻڌائي. وزارت ٻڌايو ته چين ۽ گڏيل عرب امارات جي ”فالڪن شيلڊ 2026ع“ جي نالي سان گڏيل تربيتي مشقون آگسٽ …

بيجنگ-21 آگسٽ (اي پي پي) چين ۽ گڏيل عرب امارات جي فضائي فوج آگسٽ جي آخر کان اتر اولهه چين جي سنڪيانگ ۽ خودمختيار علائقي جي شهر خوتان ۾ گڏيل فضائي تربيتي مشقون ڪندا. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه چين جي قومي دفاع واري وزارت جمعي تي هڪ بيان ۾ ٻڌائي. وزارت ٻڌايو ته چين ۽ گڏيل عرب امارات جي ”فالڪن شيلڊ 2026ع“ جي نالي سان گڏيل تربيتي مشقون آگسٽ جي آخر کان سيپٽمبر جي وچ واري عرصي تائين جاري رهنديون، جن ۾ ڪمانڊ بابت مشقي سرگرميون، اڏامن جي تربيت ۽ گڏيل فارميشنز ۾ حقيقي فوجي جٿن تي ٻڌل مشقون شامل هونديون. وزارت چيو ته ”فالڪن شيلڊ“ سيريز تحت ٿيل اها چوٿين گڏيل مشق آهي. ان جو مقصد شريڪ يونٽس جي فني صلاحيتن کي بهتر بڻائڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي فوج وچ ۾ لاڳاپن ۽ عملي سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ آهي.