اسلام آباد - 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ شام جي وچ ۾ تاريخي ۽ گهري لاڳاپن جو ذڪر ڪندي ٻنهي ملڪن جي پراڻي دوستاڻي لاڳاپن کي سياست، دفاع، واپار، سيڙپڪاري، تعليم ۽ انساني وسيلن جي ترقي سميت مختلف شعبن ۾ عملي تعاون ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان شام جي پرڏيهي وزير اسعد حسن الشيباني خميس …
پاڪستان ۽ شام جي وچ ۾ تاريخي ۽ گهري لاڳاپن کي مختلف شعبن ۾ عملي تعاون ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ شام جي وچ ۾ تاريخي ۽ گهري لاڳاپن جو ذڪر ڪندي ٻنهي ملڪن جي پراڻي دوستاڻي لاڳاپن کي سياست، دفاع، واپار، سيڙپڪاري، تعليم ۽ انساني وسيلن جي ترقي سميت مختلف شعبن ۾ عملي تعاون ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان شام جي پرڏيهي وزير اسعد حسن الشيباني خميس ڏينهن هتي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شامي پرڏيهي وزير ۽ سندس وفد جي آجيان ڪندي صدر احمد الشرع جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ ساڻس پنهنجي تازي ملاقاتن جو پڻ ذڪر ڪيو. هن شام جي خودمختياري، اتحاد ۽ علائقائي سالميت جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم پاڪستان ۽ شام جي وچ ۾ تاريخي ۽ گهري لاڳاپن جو ذڪر ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن جي پراڻي دوستاڻي لاڳاپن کي سياست، دفاع، واپار، سيڙپڪاري، تعليم ۽ انساني وسيلن جي ترقي سميت مختلف شعبن ۾ عملي تعاون ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سڌوسنئون اڏامن جي بحالي سان عوامي رابطن ۾ اضافو ٿيندو ۽ وڏي انگ ۾ پاڪستان مان شام ايندڙ زائرين کي پڻ سهولت ملندي. وزيراعظم شام جي اتحاد، خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو ته پاڪستان گولان جي جبلن جي معاملي تي شام جي موقف جي ڀرپور حمايت ڪندو. شامي پرڏيهي وزير صدر احمد الشرع پاران وزيراعظم محمد شهباز شريف جي لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو. هن وزيراعظم کي شام جي سياسي صورتحال ۽ نئين سدر تعمير جي ڪوششن کان آگاهه ڪيو. شامي پرڏيهي وزير گذريل سالن دوران شام جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت تي ٿورا ادا ڪيا ۽ چيو ته سندن حڪومت پاڪستان سان ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ گهري دلچسپي رکي ٿي. هن تعاون جي لاءِ جلد باقاعده اداراجاتي طريقيڪار جوڙڻ جي خواهش جو پڻ اظهار ڪيو. وزيراعظم صدر احمد الشرع کي پاڪستان جي سرڪاري دوري جي دعوت پڻ ڏني. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، وزيراعظم جو خاص معاون سيد طارق فاطمي ۽ پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ پڻ موجود هئي.











