نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي پرڏيهي آفيس پهچڻ تي شام جي پرڏيهي وزير اسد حسين الشيباني جي آجيان

اسلام آباد - 20 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار خميس ڏينهن هتي پرڏيهي آفيس پهچڻ تي شام جي پرڏيهي وزير اسد حسين الشيباني جي آجيان ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻئي پرڏيهي وزير نويڪلائي ۾ ملاقات ڪندا جنهن کانپوءِ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي جنهن ۾ پاڪستان ۽ شام جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي سمورنر خن تي خيالن جي ڏي …

اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار خميس ڏينهن هتي پرڏيهي آفيس پهچڻ تي شام جي پرڏيهي وزير اسد حسين الشيباني جي آجيان ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻئي پرڏيهي وزير نويڪلائي ۾ ملاقات ڪندا جنهن کانپوءِ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي جنهن ۾ پاڪستان ۽ شام جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي سمورنر خن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي جڏهن ته ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ نوان رستا ڳوليا ويندا. هي دورو اٽڪل ٻن ڏهاڪن کانپوءِ پاڪستان ۽ شام جي وچ ۾ پرڏيهي وزير جي سطح تي پهريون دورو آهي.