حيدرآباد- 20 آگسٽ(اي پي پي) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي اسٽوڊنٽ فنانشل ايڊ آفيس پاران شاگردن ۾ اسڪالرشپس جا چيڪ ورهائڻ واري تقريب 24 آگسٽ 2026ع تي شهيد بينظير ڀٽو ڪنوينشن سينٽر ۾ منعقد ڪئي ويندي، جنھن ۾ 1,074 مستحق شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ مختلف اسڪالرشپ پروگرامن تحت مجموعي طور 5 ڪروڙ 25 لک 77 هزار رپين کان وڌيڪ جي ماليت جا اسڪالرشپس چيڪ ورهايا ويندا. تقريب جو خاص مهمان تعليم بابت صوبائي وزير سيد …
سنڌ يونيورسٽي ۾ اسڪالرشپس جا چيڪ ورهائڻ واري تقريب 24 آگسٽ تي منعقد ڪرڻ جو اعلان، صوبائي وزير سردار علي شاھه خاص مھمان ھوندو

مزید خبریں
حيدرآباد- 20 آگسٽ(اي پي پي) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي اسٽوڊنٽ فنانشل ايڊ آفيس پاران شاگردن ۾ اسڪالرشپس جا چيڪ ورهائڻ واري تقريب 24 آگسٽ 2026ع تي شهيد بينظير ڀٽو ڪنوينشن سينٽر ۾ منعقد ڪئي ويندي، جنھن ۾ 1,074 مستحق شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ مختلف اسڪالرشپ پروگرامن تحت مجموعي طور 5 ڪروڙ 25 لک 77 هزار رپين کان وڌيڪ جي ماليت جا اسڪالرشپس چيڪ ورهايا ويندا. تقريب جو خاص مهمان تعليم بابت صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه هوندو، جڏهن ته صدارت سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري ڪندو. تقريب جو مقصد مستحق شاگردن ۽ شاگردياڻين جي مالي سهائتا، سندن تعليمي سفر کي برقرار رکڻ ۽ باصلاحيت نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ آهي. ان سلسلي ۾ تياريون شروع ڪيون ويون آھن.











