لاهور _ 20 آگسٽ (اي پي پي ) پنجاب جي اڪثر دريائن ۾ پاڻي جو وهڪرو معمول مطابق آهي، پي ڊي ايم اي مطابق جهلم درياهه ، راوي ۽ ستلج ۾ پاڻي جو وهڪرو معمول واري سطح تي آهي جڏهن ته چناب دريا ۾ هيڊ مراله وٽ هيٺين درجي جي ٻوڏ آهي. هيڊ مراله ۾ پاڻي جي آمد هڪ لک 45 هزار ۽ پاڻي جو وهڪرو هڪ لک 27 هزار …
پنجاب جي اڪثر دريائن ۾ پاڻي جو وهڪرو معمول مطابق آهي: پي ڊي ايم اي ترجمان
لاهور _ 20 آگسٽ (اي پي پي ) پنجاب جي اڪثر دريائن ۾ پاڻي جو وهڪرو معمول مطابق آهي، پي ڊي ايم اي مطابق جهلم درياهه ، راوي ۽ ستلج ۾ پاڻي جو وهڪرو معمول واري سطح تي آهي جڏهن ته چناب دريا ۾ هيڊ مراله وٽ هيٺين درجي جي ٻوڏ آهي. هيڊ مراله ۾ پاڻي جي آمد هڪ لک 45 هزار ۽ پاڻي جو وهڪرو هڪ لک 27 هزار ڪيوسڪ آهي. پي ڊي ايم اي وڌيڪ ٻڌايو آهي ته سنڌو درياهه ۾ ڪالا باغ، چشمه ۽ تونسه وٽ هيٺين درجي جي ٻوڏ آهي ، ڪالا باغ وٽ 3 لک 72 هزار، چشمه وٽ 2 لک 95 هزار ۽ تونسه ۾ پاڻي جو وهڪرو 3 لک 31 هزار ڪيوسڪ آهي. ناله پلڪو وزيرآباد وٽ وچولي درجي جي ٻوڏ جي صورتحال آهي. ناله پلڪو وزيرآباد ۾ پاڻي جو هيٺاهون وهڪرو 3 هزار 700 ڪيوسڪ آهي. پي ڊي ايم اي چيو آهي ته ناروال ناله بسنتر، ناله بنئين شڪر ڳڙهه ۽ ناله اڪ ۾ هيٺين درجي جي ٻوڏ آهي. تربيلا ڊيم 100 سيڪڙو ۽ منگلا ڊيم 71 سيڪڙو ڀرجي ويا آهن. برساتن جو ڇهون اسپيل 21 آگسٽ تائين جاري رهندو. هن چيو ته شهرين کي گذارش آهي ته موسم ۽ ٻوڏ جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي احتياطي تدبيرون اختيار ڪن.












