صوماليه ۾ سامونڊي ڌاڙيل پاڪستاني يرغمالين جي بدلي 30 لک ڊالر ڀُنگ جو مطالبو ڪري رهيا آهن، لاڳاپيل وزارتون ۽ پاڪستاني مشنز سندن آزاديءَ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

اسلام آباد- 19 آگسٽ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته صوماليه ۾ سامونڊي ڌاڙيل پاڪستاني يرغمالين جي بدلي 30 لک ڊالر ڀُنگ جو مطالبو ڪري رهيا آهن، لاڳاپيل وزارتون ۽ پاڪستاني مشنز سندن آزاديءَ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، ڀُنگ جي رقم جي ادائگي کان پوءِ نئون رستو کُلي ويندو، ان رستي سان تيل بردار جهازن جي وڏي اچ وڃ ممڪن …

اسلام آباد- 19 آگسٽ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته صوماليه ۾ سامونڊي ڌاڙيل پاڪستاني يرغمالين جي بدلي 30 لک ڊالر ڀُنگ جو مطالبو ڪري رهيا آهن، لاڳاپيل وزارتون ۽ پاڪستاني مشنز سندن آزاديءَ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، ڀُنگ جي رقم جي ادائگي کان پوءِ نئون رستو کُلي ويندو، ان رستي سان تيل بردار جهازن جي وڏي اچ وڃ ممڪن آهي. صوماليه ۾ 10 پاڪستانين جي حراست، سندن وطن واپسيءَ ۾ دير ۽ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي درپيش ڏُکيائين جي حوالي سان ڌيان ڇِڪرايو نوٽيس جي جواب ۾ ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ايوان کي ٻُڌايو ته جبوتي ذريعي صوماليه سان رابطي جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، جتي کين رکيو ويو آهي اتي صوماليه جي حڪومت جو ڪنٽرول ناهي، اسان جا ماڻهو حفاظت سان آهن، کين يرغمال بڻائيندڙن وڏي رقم جو مطالبو ڪيو آهي، لنڊن ۾ اسان جو سفارتخانو به فعال آهي، پيرو جو جهنڊو لڳل هو اهو ننڍو جهاز آهي، ڪنهن ملڪ سندس ملڪيت ناهي ورتي، جلد اڳڀرائي جو امڪان آهي. عبدالقادر پٽيل جي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ايوان ۾ انگن اکرن سان ڳالهه ٿيندي آهي، هوائي ڳالهيون ناهن هونديون. هن ٻُڌايو ته صوماليه جو ان علائقي تي ڪنٽرول ناهي، سامونڊي ڌاڙيلن سان ڳالهين جا ٽي دؤر ٿي چڪا آهن، هو 30 لک ڊالر گُهري رهيا آهن، ان رستي تي تسلسل سان آئل ٽينڪرز جي اچ وڃ آهي، جيڪڏهن ان تي هڪ ڀيرو ڀُنگ ڏنو ويو ته اهو سلسلو معمول بڻجي ويندو. هن ٻُڌايو ته پرڏيهي وزارت ان معاملي تي چؤڪس آهي. مير شبير علي بجاراڻي جي سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير ٻُڌايو ته انساني حقن واري وزارت به بين الوزارتي اجلاس منعقد ڪيو، معاملو سنگين نوعيت جو آهي، متاثرن جي ڪٽنبن جي تڪليفن جي نوعيت کان باخبر آهيون، ڪوشش ڪنداسين ته جلد کان جلد ان جو حل ڪڍون. شاهده رحماني ٻُڌايو ته کيس 5 مهينا ٿي ويا آهن، سندس خاندان تڪليف ۾ آهي. سندس سوال جي جواب ۾ طارق فضل چوڌري ٻُڌايو ته وزارت ڪنهن جاءِ تي غير سنجيده ناهي، سمورا آپشن استعمال ڪيا ويا آهن، ڀُنگ جي رقم ادا ڪئي وئي ته پوءِ ڪوبه جهاز اُتان پُرامن طريقي سان نه گذري سگهندو. مرزا اختيار بيگ چيو ته 6 سيلرز جو تعلق ڪراچيءَ سان آهي، 13 آگسٽ تي هڪ اجلاس پرڏيهي وزير جي صدارت ۾ منعقد ٿيو ان جا تفصيل ڏنا وڃن. ان جي جواب ۾ هن ٻُڌايو ته اُتان زعما سان به ڳالهيون هلي رهيون آهن، جهاز جي مالڪ جي ايڊريس دبئي جي هئي جيڪا درست ناهي، لاڳاپيل وزارتون ۽ مشن ان تي ڪم ڪري رهيون آهن، جيڪڏهن عبدالقادر پٽيل صوماليه وڃڻ چاهي ٿو ته حڪومت ان جا سفري خرچ برداشت ڪندي. ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته يرغمالين سان ڪو رابطو موجود آهي؟ جهاز جو مالڪ يمني آهي، 4 جهاز ان کان پوءِ وڌيڪ اغوا ٿيا، ڇا انهن چئن جهازن جا تفصيل کڻي لاڳاپيل کاتي عالمي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان رابطا ڪري سگهن ٿا، اسان ماضيءَ ۾ يرغمالين کي آزاد ڪرايو هو، واپار ذريعي پئسا گڏ ڪيا هئا، اسان کي اهو ٽاسڪ ڏيو، اسان اها رقم ڏينداسين، اسان 22 ميمبر پنهنجي ترقياتي بجيٽ مان هڪ هڪ ڪروڙ ڏينداسين، بي حسي جو مظاهرو نه ڪجي، سنڌ حڪومت به پنهنجو حصو وجهي، ترقياتي بجيٽ ان مقصد لاءِ نٿي ڏئي سگهجي. طارق فضل چوڌري چيو ته ايم اين اي کي ڪوبه ترقياتي فنڊز مختص ناهي ٿيندو، اهي واقعا اتي هاڻ معمول بڻجي چڪا آهن، لاڳاپيل ماڻهو صلاح مشوري سان ان مسئلي جو حل ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.