لاڙڪاڻو تعليمي بورڊ پاران ٻارهين ڪلاس جي سالياني امتحان 2026ع جا نتيجا جاري

لاڙڪاڻو- 19 آگسٽ (اي پي پي) لاڙڪاڻو تعليمي بورڊ طرفان ٻارهين جماعت جي پري ميڊيڪل ۽ پري انجنيئرنگ جي سالياني امتحانن جا نتيجا پڌرا ڪيا ويا آهن. تعليمي بورڊ لاڙڪاڻو جي امتحانن واري ڪنٽرولر پروفيسر عبدالجبار جوڻيجو طرفان جاري ڪيل نتيجن موجب ٻارهين جماعت جي پري ميڊيڪل ۽ پري انجنيئرنگ جي سالياني امتحانن ۾ لاڙڪاڻو، قمبر شهدادڪوٽ، شڪارپور، جيڪب آباد ۽ ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعن سميت دادو ضلعي جي ٻن تعلقن …

لاڙڪاڻو- 19 آگسٽ (اي پي پي) لاڙڪاڻو تعليمي بورڊ طرفان ٻارهين جماعت جي پري ميڊيڪل ۽ پري انجنيئرنگ جي سالياني امتحانن جا نتيجا پڌرا ڪيا ويا آهن. تعليمي بورڊ لاڙڪاڻو جي امتحانن واري ڪنٽرولر پروفيسر عبدالجبار جوڻيجو طرفان جاري ڪيل نتيجن موجب ٻارهين جماعت جي پري ميڊيڪل ۽ پري انجنيئرنگ جي سالياني امتحانن ۾ لاڙڪاڻو، قمبر شهدادڪوٽ، شڪارپور، جيڪب آباد ۽ ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعن سميت دادو ضلعي جي ٻن تعلقن ميهڙ ۽ ڪي اين شاهه سان واسطو رکندڙ 50570 اميدوارن حصو ورتو جن مان 43233 اميدوار پاس ۽ 7910 اميدوار فيل ٿيا جڏهن ته 2637 اميدوارن کي ڪاپي ڪيس ڪري 1937 اميدوارن جا نتيجا مختلف سببن جي ڪري روڪيا ويا آهن. جاري ڪيل نتيجن موجب ٻارهين جماعت جي پري ميڊيڪل گروپ جي شاگردن ۾ ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو جي شاگرد محمد حسنين 1020 مارڪون کڻي پهرين پوزيشن، زيبسٽ اسڪول اينڊ ڪاليج جي شاگرد عبدالسميع 1019 مارڪون کڻي ٻين پوزيشن ۽ گورنمينٽ قاضي حبيب الله هائير سيڪنڊري اسڪول شڪارپور جي شاگرد مجتبيٰ علي ڪلهوڙو 1018 مارڪون کڻي ٽين پوزيشن حاصل ڪئي. شاگردياڻين ۾ شهيد بينظير ڀٽو گرلس ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو جي شاگردياڻي فائزه عباسي 1025 مارڪون کڻي پهرين پوزيشن، گورنمينٽ گرلس ڪاليج شڪارپور جي شاگردياڻي مسڪان آرائين 1023 مارڪون کڻي ٻين پوزيشن ۽ دي سٽي اسڪول لاڙڪاڻو جي شاگردياڻي خوشنصيب سيال 1021 مارڪون کڻي ٽين پوزيشن حاصل ڪئي. پري انجنيئرنگ گروپ جي شاگردن ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو جي شاگرد علي مصطفيٰ چانڊيو 1019 مارڪون کڻي پهرين پوزيشن، دي سٽي اسڪول لاڙڪاڻو جي شاگرد مداح حسين جوڻيجو 1018 مارڪون کڻي ٻين پوزيشن ۽ گورنمينٽ پائليٽ هائير سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻو جي شاگرد سرمد ميمڻ 1017 مارڪون کڻي ٽين پوزيشن حاصل ڪئي. شاگردياڻين ۾ بيگم نصرت ڀٽو گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو جي شاگردياڻي نور العين کهاوڙ 1015 مارڪون کڻي پهرين پوزيشن، گورنمينٽ گرلس ڪاليج جيڪب آباد جي شاگردياڻي پريانڪا ڪماري 1011 مارڪون کڻي ٻين پوزيشن ۽ گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو جي شاگردياڻي زنيرا شيخ 1010 مارڪون کڻي ٽين پوزيشن حاصل ڪئي. پري ڪمپيوٽر سائنس گروپ ۾ شهيد بينظير ڀٽو گرلس ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو جي شاگردياڻي رداءِ زينب سولنگي 1012 مارڪون کڻي پهرين پوزيشن، گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول ڌامراهه جي شاگرد بهلول عباسي 1011 مارڪون کڻي ٻين پوزيشن ۽ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو جي شاگرد منتظر مهدي کوسو 1010 مارڪون کڻي ٽين پوزيشن حاصل ڪئي. ڪامرس گروپ ۾ گورنمينٽ آرٽس اينڊ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻو جي شاگرد فيض احمد هليو 1006 مارڪون کڻي پهرين پوزيشن، زيبسٽ اسڪول اينڊ ڪاليج لاڙڪاو جي شاگرد بلال حسين مستوئي 1005 مارڪون کڻي ٻين پوزيشن ۽ زيبسٽ اسڪول اينڊ ڪاليج لاڙڪاڻو جي شاگردياڻي فردوس ابڙو 1004 مارڪون کڻي ٽين پوزيشن حاصل ڪئي. هيومنٽيز گروپ ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج نئون ديرو جي شاگردياڻي حنا ڀرچونڊ 950 مارڪون کڻي پهرين پوزيشن، گورنمينٽ ميونسپل هائير سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻو جي شاگرد ڪاشف اقبال شيخ 947 مارڪون کڻي ٻين پوزيشن ۽ سچل سرمست اورينٽل ڪاليج لاڙڪاڻو جي شاگرد معصوم علي 946 مارڪون کڻي ٽين پوزيشن حاصل ڪئي.