اسلام آباد- 19 آگسٽ (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئر پرسن سينيٽر روبينه خالد چيو آهي، ته بي آءِ ايس پي پاڪستان حڪومت پاران مستحق خاندانن کي سماجي تحفظ فراهم ڪرڻ جي مشن تي گامزن آهي. انساني همدردي جي عالمي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته انسانيت جي خدمت، ڏکويل انسانن جو سهارو بڻجڻ ۽ ضرورت مندن جي مدد ڪرڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري …
بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مستحق خاندانن کي سماجي تحفظ فراهم ڪرڻ جي مشن تي گامزن آهي: سينيٽر روبينه خالد

مزید خبریں
اسلام آباد- 19 آگسٽ (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئر پرسن سينيٽر روبينه خالد چيو آهي، ته بي آءِ ايس پي پاڪستان حڪومت پاران مستحق خاندانن کي سماجي تحفظ فراهم ڪرڻ جي مشن تي گامزن آهي. انساني همدردي جي عالمي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته انسانيت جي خدمت، ڏکويل انسانن جو سهارو بڻجڻ ۽ ضرورت مندن جي مدد ڪرڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. سينيٽر روبينه خالد چيو ته انساني همدردي صرف هڪ جذبو ناهي پر معاشري جي ڪمزور ۽ مستحق طبقن جي عملي مدد جو نالو آهي. بي آءِ ايس پي پاڪستان حڪومت پاران مستحق خاندانن کي سماجي تحفظ فراهم ڪرڻ جي مشن تي گامزن آهي. هن چيو ته بي آءِ ايس پي لکين مستحق خاندانن کي مالي مدد فراهم ڪري کين معاشي ڏکيائن مان ڪڍڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن جو چوڻ هو ته معاشري جي محروم ۽ ڪمزور طبقن کي اڪيلو نه ڇڏڻ، انساني همدردي جو عالمي ڏنهن اسان کي ڏکويل انسانيت جي خدمت ۽ ضرورتمندن جو هٿ ونڊائڻ جو سبق ڏئي ٿو. هن چيو ته اچو ته عهد ڪيون ته اسان پنهنجي چوڌاري موجود ضرورتمند ماڻهن جي مدد ۽ انهن جي حقن جي تحفظ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيون.











