گڏيل قومون -19 آگسٽ (اي پي پي) گڏيل قومن انساني همدردي جي عالمي ڏينهن (ورلڊ هيومنٽيرين ڊي) جي موقعي تي سڄي دنيا ۾ بحرانن سبب متاثر لکين ماڻهن جي زندگي بچائيندڙ امداد فراهم ڪندڙ انساني امدادي ڪارڪنن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته گذريل ٽن سالن دوران هڪ هزار کان وڌيڪ امدادي ڪارڪن مارجي چڪا آهن، جڏهن ته ڪيترا ئي ٻيا فائرنگ ، گولا باري، اغوا ۽ زيادتي جهڙن واقعن جو نشانو بڻجڻ …
گڏيل قومن پاران انساني همدردي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي عالمي برادري کان انسانيت لاءِ عملي قدمن جو مطالبو
گڏيل قومون -19 آگسٽ (اي پي پي) گڏيل قومن انساني همدردي جي عالمي ڏينهن (ورلڊ هيومنٽيرين ڊي) جي موقعي تي سڄي دنيا ۾ بحرانن سبب متاثر لکين ماڻهن جي زندگي بچائيندڙ امداد فراهم ڪندڙ انساني امدادي ڪارڪنن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته گذريل ٽن سالن دوران هڪ هزار کان وڌيڪ امدادي ڪارڪن مارجي چڪا آهن، جڏهن ته ڪيترا ئي ٻيا فائرنگ ، گولا باري، اغوا ۽ زيادتي جهڙن واقعن جو نشانو بڻجڻ کان بچي ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش انساني همدردي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته دنيا وعدو ڪيو آهي . هاڻي کين عمل ڪرڻو پوندو، جنگ جي اصولن جو احترام ڪيو وڃي. محفوظ رسائي کي يقيني بڻايو وڃي . ذميوارن جو احتساب ڪيو وڃي ۽ مناسب وسيلا فراهم ڪيا وڃن. هن چيو ته انساني امدادي ڪارڪن ضرورت مند ماڻهن لاءِ آواز اٿاريندا آهن. اسان کي به انهن لاءِ آواز اٿارڻ گهرجي. اسان کي انسانيت لاءِ هاڻي عمل ڪرڻو پوندو. ياد رهي ته انساني همدردي جو عالمي ڏينهن هر سال 19 آگسٽ تي ملهايو ويندو آهي، اهو ڏينهن عراق جي شهر بغداد ۾ گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽر تي 2003ع ۾ ٿيل بم ڌماڪي جي ورسي جي موقعي تي ملهايو ويندو آهي.












