بگوٽا - 19 آگسٽ (اي پي پي) ڪولمبيا ۾ 10 آگسٽ تي آيل 7.4 شدت جي زلزلي سبب فوت ٿي ويلن جو تعداد وڌي 340 ٿي ويو آهي. جڏهن ته 4548 ماڻهو زخمي ۽ 426 گم آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب نيشنل يونٽ فار ڊيزاسٽر رسڪ مينيجمينٽ پاران جاري رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته زلزلي کان پوءِ 356 ماڻهن کي زندهه بچايو ويو آهي. زلزلي سبب ملڪ جي وسيع علائقن …
ڪولمبيا ۾ زلزلي سبب فوتگين جو انگ وڌي 304 ٿي ويو

مزید خبریں
بگوٽا – 19 آگسٽ (اي پي پي) ڪولمبيا ۾ 10 آگسٽ تي آيل 7.4 شدت جي زلزلي سبب فوت ٿي ويلن جو تعداد وڌي 340 ٿي ويو آهي. جڏهن ته 4548 ماڻهو زخمي ۽ 426 گم آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب نيشنل يونٽ فار ڊيزاسٽر رسڪ مينيجمينٽ پاران جاري رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته زلزلي کان پوءِ 356 ماڻهن کي زندهه بچايو ويو آهي. زلزلي سبب ملڪ جي وسيع علائقن کي نقصان پهتو آهي. هنگامي صورتحال هاڻي 15 کاتن ۽ 472 ميونساپلٽيز تائين پکڙجي ويا آهن. جتي متاثر خاندانن جو تعداد 123789 ٻڌايو ويو آهي جيڪي 292043 ماڻهن برابر آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته زلزلي سبب 134342 گهرن کي نقصان پهتو آهي جڏهن ته وڌيڪ 29554 گهر تباهه ٿي ويا آهن. ان کان علاوه 267 گهڻ ماڙ عمارتون ڊهي ويون آهن.







