پولي ٽيڪنيڪ انسٽيٽيوٽ  شڪارپور۾ جشنِ آزادي جي شاندار تقريب منعقد

لاڙڪاڻو- 18 آگسٽ (اي پي پي) شڪارپور پولي ٽيڪنيڪ انسٽيٽيوٽ ۾ پاڪستان جي 79هين جشنِ آزادي جي سلسلي ۾ هڪ شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ انسٽيٽيوٽ جي پرنسپال سيد نادر شاهه سميت استادن، عملي ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب جي شروعات قومي جهنڊي کي سلامي ۽ قومي تراني سان ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ پاڪستان جي آزادي جي جدوجهد ۽ ملڪ جي ترقي ۾ نوجوانن جي ڪردار …

لاڙڪاڻو- 18 آگسٽ (اي پي پي) شڪارپور پولي ٽيڪنيڪ انسٽيٽيوٽ ۾ پاڪستان جي 79هين جشنِ آزادي جي سلسلي ۾ هڪ شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ انسٽيٽيوٽ جي پرنسپال سيد نادر شاهه سميت استادن، عملي ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب جي شروعات قومي جهنڊي کي سلامي ۽ قومي تراني سان ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ پاڪستان جي آزادي جي جدوجهد ۽ ملڪ جي ترقي ۾ نوجوانن جي ڪردار تي روشني وڌي وئي. ان موقعي تي انسٽيٽيوٽ جي پرنسپال سيد نادر شاهه ۽ ٻين گڏجي جشنِ آزادي جو ڪيڪ ڪاٽيو ۽ پاڪستان جي سلامتي، خوشحالي ۽ ترقي لاءِ دعا ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي پرنسپال چيو ته پاڪستان اسان لاءِ هڪ عظيم نعمت آهي، جنهن جي آزادي لاءِ اسان جي بزرگن لازوال قربانيون ڏنيون. هن چيو ته ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ نوجوانن کي تعليم، فني مهارت ۽ محنت کي پنهنجو مقصد بڻائڻو پوندو.هن وڌيڪ چيو ته پولي ٽيڪنيڪ انسٽيٽيوٽ جا شاگرد فني تعليم حاصل ڪري ملڪ جي صنعتي ۽ معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. شاگردن کي گهرجي ته هو پنهنجي تعليم سان گڏ نظم و ضبط، حب الوطني ۽ ذميواري جو جذبو به اجاگر ڪن.تقريب جي پڄاڻي تي پاڪستان جي سلامتي، استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي دعا گهري وئي.