صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي ايس-30 تي ننڍي چونڊ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي سان تعلق رکندڙ اميدوار اسفنديار خان کرل ڪامياب قرار

ڪراچي- 17 آگسٽ (اي پي پي)  اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي) صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي ايس-30 خيرپور 5 تي ننڍي چونڊ جي نتيجن جو اعلان ڪري فارم-47 جاري ڪري ڇڏيو آهي. رٽرننگ آفيسر پاران جاري فارم-47 مطابق پاڪستان پيپلز پارٽي جو اميدوار بيرسٽر اسفنديار خان کرل 48 هزار 986 ووٽن سان ننڍي چونڊ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي. نتيجن مطابق اسفنديار خان کرل پهرين نمبر تي …

ڪراچي- 17 آگسٽ (اي پي پي)  اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي) صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي ايس-30 خيرپور 5 تي ننڍي چونڊ جي نتيجن جو اعلان ڪري فارم-47 جاري ڪري ڇڏيو آهي. رٽرننگ آفيسر پاران جاري فارم-47 مطابق پاڪستان پيپلز پارٽي جو اميدوار بيرسٽر اسفنديار خان کرل 48 هزار 986 ووٽن سان ننڍي چونڊ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي. نتيجن مطابق اسفنديار خان کرل پهرين نمبر تي رهيو. اليڪشن ڪميشن سنڌ جي ترجمان مطابق پي ايس-30 خيرپور 5 تي ننڍي چونڊ ۾ ووٽرز جو ٽرن آئوٽ 20.53 سيڪڙو رهيو. واضح رهي ته ننڍي چونڊ 16 آگسٽ 2026ع تي منعقد ٿي هئي.