چناب درياهه ۾ ٻوڏ بابت سوشل ميڊيا ۽ نجي چينلز تي هلندڙ خبر ۾ ڪا صداقت ناهي، سمورن درياهن ۾ پاڻي جو وهڪرو معمول مطابق آهي: پي ڊي ايم اي

لاهور- 17 آگسٽ (اي پي پي) پي ڊي ايم اي پنجاب چيو آهي ته چناب دريهها ۾ هڪ لک 50 هزار ڪيوسڪ پاني جي وهڪري بابت سوشل ميڊيا ۽ نجي چينلز تي هلندڙ خبر ۾ ڪا صداقت ناهي. پي ڊي ايم اي ترجمان مطابق آبپاشي فلڊ فار ڪاسٽنگ ڊويزن ۽ ارسا ٻوڏ جي صورتحال بابت پاڻ ۾ مڪمل رابطي ۾ آهن. پنجاب جي وزيراعليٰ جي هدايت تي درياهن، ڊيمز ۽ …

لاهور- 17 آگسٽ (اي پي پي) پي ڊي ايم اي پنجاب چيو آهي ته چناب دريهها ۾ هڪ لک 50 هزار ڪيوسڪ پاني جي وهڪري بابت سوشل ميڊيا ۽ نجي چينلز تي هلندڙ خبر ۾ ڪا صداقت ناهي. پي ڊي ايم اي ترجمان مطابق آبپاشي فلڊ فار ڪاسٽنگ ڊويزن ۽ ارسا ٻوڏ جي صورتحال بابت پاڻ ۾ مڪمل رابطي ۾ آهن. پنجاب جي وزيراعليٰ جي هدايت تي درياهن، ڊيمز ۽ بيراجن جي مسلسل مانيٽرنگ جو عمل جاري آهي، ڪنهن به امڪاني ٻوڏ کي نظر ۾ رکندي انتظاميه ۽ شهرين کي اڳواٽ الرٽ جاري ڪيو ويندو. ترجمان مطابق چناب درياهه ۾ پاڻي جو وهڪرو 51 هزار ڪيوسڪ ۽ نارمل سطح تي آهي. جڏهن ته پي ڊي ايم اي پنجاب جي درياهن ۾ پاڻي جي وهڪري بابت چيو آهي ته چناب، جهلم، راوي ۽ ستلج درياهه ۾ پاڻي جو وهڪرو معمول جي سطح تي آهي، جڏهن ته ڊيرا غازي خان جي رود ڪون ۾ به پاڻي جو وهڪرو نارمل آهي. سنڌو درياهه ۾ ڪالا باغ، تونسه ۽ چشمه وٽ تي هيٺين درجي جي ٻوڏ آهي. ڪالاباغ ۾ 3 لک 67 هزار ڪيوسڪ، چشمه 3 لک 24 هزار ۽ تونسه ۾ پاڻي جو وهڪرو 3 لک 41 هزار ڪيوسڪ آهي. ترجمان مطابق نارووال جي ناله بستر ۾ هيٺين درجي جي ٻوڏ آهي. ترنيلا ڊيم 100 سيڪڙو ۽ منگلا ڊيم 68 سيڪڙو ڀرجي ويو آهي، جڏهن ته برسات جو اهو سلسلو 21 آگسٽ تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي. ڊي جي پي ڊي ايم اي محمد انور سيف شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته موسم ۽ ٻوڏ جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي احتياطي تديبيرون اختيار ڪيون وڃن. درياهن، ڍنڍن ۽ ندي نالن طرف سير ۽ تفريح کان پاسو ڪيو ڃي. خاص ڪري ٻارن جو خيال رکيو وڃي.