حيدرآباد ۾ قاسم آباد ٿاڻي جي پوليس ڪارروائي ڪري ننڍي عمر جي ٻار کي اغوا ڪري وڪرو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ملوث گروهه جي ٻن ڪارندن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو

حيدرآباد- 17 آگسٽ (اي پي پي) قاسم آباد ٿاڻي جي پوليس هڪ ڪارروائي ڪري ننڍي عمر جي ٻار کي اغوا ڪري وڪرو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ملوث گروهه جي ٻن ڪارندن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. حيدرآباد پوليس جي ترجمان موجب فريادي علي نواز ماڇي قاسم آباد ٿاڻي تي اطلاع ڏنو ته 15 آگسٽ تي جوابدار ذوالفقار علي راڄڙ، ماجد شورو ۽ سندن عورت ساٿي زينت سندس ڏوهٽي …

حيدرآباد- 17 آگسٽ (اي پي پي) قاسم آباد ٿاڻي جي پوليس هڪ ڪارروائي ڪري ننڍي عمر جي ٻار کي اغوا ڪري وڪرو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ملوث گروهه جي ٻن ڪارندن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. حيدرآباد پوليس جي ترجمان موجب فريادي علي نواز ماڇي قاسم آباد ٿاڻي تي اطلاع ڏنو ته 15 آگسٽ تي جوابدار ذوالفقار علي راڄڙ، ماجد شورو ۽ سندن عورت ساٿي زينت سندس ڏوهٽي احمد رضا، جنهن جي عمر اٽڪل 4 کان 5 سال آهي، کي اغوا ڪري پاڻ سان گڏ وٺي ويا هئا. فريادي پنهنجي گهرڀاتين سان گڏ ٻار جي ڳولا شروع ڪئي ته گِدو چوڪ وٽ هڪ شخص کي هڪ ننڍي عمر جي ٻار ۽ عورت سان گڏ ڏٺو ويو، جيڪي سندس ڏوهٽي کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃي رهيا هئا، گهر ڀاتين ٻار کي بازياب ڪرائي ورتو، جڏهن ته جوابدار موقعي تان فرار ٿي ويا. قاسم آباد پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي. پوليس اغوا ڪندڙ گروهه جي ٻن ڪارندن ذوالفقار راڄڙ ۽ ماجد شورو کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته عورت جوابدار زينت زال ذوالفقار راڄڙ فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. جاچ دوران گرفتار جوابدارن انڪشاف ڪيو ته هو ٻار کي اغوا ڪري وڪرو ڪرڻ جي ڪوشش لاءِ ڪنهن هنڌ وٺي وڃي رهيا هئا. پوليس پاران گرفتار جوابدارن کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا ۽ جاچ جاري آهي، جڏهن ته وڌيڪ قانوني ڪارروائي پڻ عمل ۾ آندي پئي وڃي.