سعودي عرب جي پرڏيهي وزير سان قطر جي وزيراعظم ۽ عمان جي هم منصب جو ٽيليفونڪ رابطو، علاقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ

رياض-17آگسٽ (اي پي پي ) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان قطر جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد بن عبدالرحمان بن جاسم آلثاني ۽ عمان جي هم منصب بدر بن حمد بن حمود البوسعيدي ڌار ڌار  رابطو ڪيو، جنهن دوران علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي ميڊيا موجب ٽنهي اڳواڻن خطي ۾ ٿيل اهم واقعن جي حوالي سان ڪوآرڊينيشن ۽ مشورن جو …

رياض-17آگسٽ (اي پي پي ) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان قطر جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد بن عبدالرحمان بن جاسم آلثاني ۽ عمان جي هم منصب بدر بن حمد بن حمود البوسعيدي ڌار ڌار  رابطو ڪيو، جنهن دوران علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي ميڊيا موجب ٽنهي اڳواڻن خطي ۾ ٿيل اهم واقعن جي حوالي سان ڪوآرڊينيشن ۽ مشورن جو سلسلو جاري رکڻ جي اهميت تي زور ڀريو. هنن علائقي ۾ امن ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ جي حوالي سان سفارتي ڪوششن جي سپورٽ جي ضرورت تي به زور ڀريو.