تهران -16 آگسٽ (اي پي پي) ايران چيو آهي، ته آبنائي هرمز ۾ تيل جي زيان سان ماحولياتي نقصان جو اندازو کربين ڊالر ٿي سگهي ٿو. پرڏيهي ميڊيا موجب ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ قيشم ٻيٽ ويجهو تيل جي هارجڻ جا فوٽو شامل ڪيا ۽ ان واقعي جو ذميوار هڪ پرڏيهي جهاز کي قرار ڏنو. هن لکيو ته اهو واقعو خطي جي …
آبنائي هرمز ۾ تيل جي زيان سان ماحولياتي نقصان جو ڪاٿو کربين ڊالر ٿي سگهي ٿو: ايران
تهران -16 آگسٽ (اي پي پي) ايران چيو آهي، ته آبنائي هرمز ۾ تيل جي زيان سان ماحولياتي نقصان جو اندازو کربين ڊالر ٿي سگهي ٿو. پرڏيهي ميڊيا موجب ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ قيشم ٻيٽ ويجهو تيل جي هارجڻ جا فوٽو شامل ڪيا ۽ ان واقعي جو ذميوار هڪ پرڏيهي جهاز کي قرار ڏنو. هن لکيو ته اهو واقعو خطي جي ملڪن جي سامونڊي ڪناري وارن علائقن ۾ گدلاڻ جو رڳو هڪ مثال آهي. هن چيو ته گدلاڻ گذريل ڪجهه ڏهاڪن دوران نار فارس ۽ عمان سمنڊ جي پاڻين سان گڏوگڏ خطي جي سامونڊي ماحولياتي نظام کي خراب ڪري ڇڏيو آهي ۽ ايران جي سامونڊي ڪناري وارن علائقن جي سامونڊي ماحولياتي نظام کي کربين ڊالرن جو نقصان پهچايو آهي. هن چيو ته واپاري سامونڊي آپريشنز ۾ ملوث سمورين ڌرين کي خطي ۾ ان گدلاڻ کي صاف ڪرڻ جي قانوني ۽ اخلاقي ذميواري قبول ڪرڻي پوندي.












