ڪولمبيا ۾ زلزلي سبب فوتين جو انگ وڌي 294 ٿي ويو

بگوٽا-16 آگسٽ (اي پي پي) ڪولمبيا ۾ 7.4 شدت جي زلزلي سبب فوتين جو انگ وڌي 294 ٿي ويو جڏهن ته 3935 ماڻهو زخمي، 320 گم آهن. پرڏيهي ميڊيا نيشنل يونٽ فار ڊيزاسٽر رسڪ منيجمينٽ پاران جاري انگن اکرن جي حوالي سان ٻڌايو ته زلزلي سبب 115461 ماڻهو متاثر ٿيا آهن. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته 66 عمارتون ڊهي چڪيون آهن جڏهن ته 14493 گهر مڪمل طور تباهه ۽ 81506 …

بگوٽا-16 آگسٽ (اي پي پي) ڪولمبيا ۾ 7.4 شدت جي زلزلي سبب فوتين جو انگ وڌي 294 ٿي ويو جڏهن ته 3935 ماڻهو زخمي، 320 گم آهن. پرڏيهي ميڊيا نيشنل يونٽ فار ڊيزاسٽر رسڪ منيجمينٽ پاران جاري انگن اکرن جي حوالي سان ٻڌايو ته زلزلي سبب 115461 ماڻهو متاثر ٿيا آهن. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته 66 عمارتون ڊهي چڪيون آهن جڏهن ته 14493 گهر مڪمل طور تباهه ۽ 81506 کي نقصان پهتو آهي. رپورٽ مطابق حڪومت عالمي امداد جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اداري ٻڌايو ته ڪولمبيا جي هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت هن وقت تائين متاثر ناهي ٿي جڏهن ته اختياريون اضافي عالمي امداد جي ضرورت جو مسلسل جائزو وٺي رهيون آهن.