طالبان حڪومت جي افغانستان تي قبضي جو 5 ساله بدترين دور، انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي عالمي ڳڻتي برقرار

اسلام آباد-16 آگسٽ (اي پي پي) طالبان حڪومت جي افغانستان تي قبضي جي 5 ساله بدترين دور جي حوالي سان انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي عالمي ڳڻتي برقرار آهي. بنيادي انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون ۽ دهشتگردن جي سرپرستي افغان طالبان حڪومت جي سڃاڻپ بڻجي چڪي آهي. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي مستقل ميمبرن آمريڪا، برطانيا ۽ فرانس سميت 56 ملڪن افغان طالبان حڪومت خلاف گڏيل بيان جاري ڪيو …

اسلام آباد-16 آگسٽ (اي پي پي) طالبان حڪومت جي افغانستان تي قبضي جي 5 ساله بدترين دور جي حوالي سان انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي عالمي ڳڻتي برقرار آهي. بنيادي انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون ۽ دهشتگردن جي سرپرستي افغان طالبان حڪومت جي سڃاڻپ بڻجي چڪي آهي. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي مستقل ميمبرن آمريڪا، برطانيا ۽ فرانس سميت 56 ملڪن افغان طالبان حڪومت خلاف گڏيل بيان جاري ڪيو آهي. گڏيل بيان ۾ افغانستان تي طالبان جي قبضي جا 5 سال مڪمل ٿيڻ تي افغان عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويو آهي. گڏيل بيان مطابق طالبان حڪومت ۾ افغانستان کي انساني حقن، انساني امداد، معيشت ۽ سلامتي جي حوالي سان سنگين چئلينجز درپيش آهن، اها صورتحال افغان عوام تي دٻاءُ وڌائي رهي آهي ۽ پاڙيسري ملڪن سميت سموري خطي جي استحڪام ۽ سلامتي لاءِ خطرا پيدا ڪري رهي آهي. گڏيل بيان ۾ افغان سرزمين تي موجود دهشتگرد گروپ کي علائقائي سلامتي لاءِ گڏيل خطرو قرار ڏنو ويو. گڏيل بيان ۾ افغان طالبان حڪومت کان افغان سرزمين تي موجود دهشتگرد تنظيمن خلاف اثرائتا قدم کڻڻ جو به مطالبو ڪيو ويو آهي. 56 ملڪن پاران طالبان رجيم خلاف گڏيل بيان ظاهر ڪري ٿو ته حڪومت جي آمراڻي طرز حڪمراني ۽ ظالماڻيون پاليسيون افغانستان کي عالمي اڪيلائي ڏانهن ڌڪي رهيون آهن.