انڊونيشيا ۾ زلزلي سبب فوتگيون وڌي 51 ٿي ويون، 341 آفٽر شاڪ رڪارڊ، هزارين ماڻهو محفوظ هنڌ منتقل

جڪارتا -16 آگسٽ (اي پي پي) انڊونيشيا ۾ 7.7 شدت جي زلزلي سبب فوت ٿي ويلن جو انگ وڌي 51 ٿي ويو آهي، جڏهن ته اٽڪل 5 هزار ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب صحت واري نائب وزير بينجمن پالوس اوڪتاويانوس هڪ اجلاس ۾ ٻڌايو ته اوڀر صوبي نوساتنگارا ۾ ڇنڇر ڏينهن آيل زلزلي سبب روڊ بند ٿي ويا ۽ مٽيءَ جون ڇپون ڪرڻ …

جڪارتا -16 آگسٽ (اي پي پي) انڊونيشيا ۾ 7.7 شدت جي زلزلي سبب فوت ٿي ويلن جو انگ وڌي 51 ٿي ويو آهي، جڏهن ته اٽڪل 5 هزار ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب صحت واري نائب وزير بينجمن پالوس اوڪتاويانوس هڪ اجلاس ۾ ٻڌايو ته اوڀر صوبي نوساتنگارا ۾ ڇنڇر ڏينهن آيل زلزلي سبب روڊ بند ٿي ويا ۽ مٽيءَ جون ڇپون ڪرڻ جا واقعا پيش آيا جڏهن ته 113 ماڻهو زخمي ٿي پيا، زلزلي کان پوءِ اٽڪل 341 آفٽر شاڪس به رڪارڊ ڪيا ويا. ڊزاسٽر مينجمينٽ ايجنسي موجب سڪا جي علائقي ۾ 3300 کان وڌيڪ ماڻهن محفوظ هنڌن ڏانهن رخ ڪيو. ڪجهه متاثر ڊهيل گهرن ٻاهران ترپالن سان ٺاهيل عارضي خيمن ۾ رهڻ تي مجبور ٿيا جڏهن ته سامونڊي ڪناري واري شهر ماميري ۾ ڪجهه زخمين جو علاج اسپتال کان ٻاهر لڳل خيمن ۾ ڪيو ويو. ڪابينه جي سيڪريٽري ٽيڊي اندرا وجايا چيو ته علائقي ۾ 3500 کان وڌيڪ فوجي ۽ پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن. ريسڪيو اداري ٻڌايو ته امدادي ڪارڪن مٽيءَ جي ڇپن جي ڪرڻ سبب بند ماميري جي ڪجهه علائقن تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن. ڊزاسٽرمينجمينٽ ايجنسي موجب لاپتا ماڻهن جو فوري طور تي ڪو حتمي انگ ناهي ملي سگهيو، جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو ملبي هيٺان دٻيل آهن. 1300 کان وڌيڪ گهرن کي نقصان پهتو آهي. سرڪاري توانائي ڪمپني موجب بجلي جي بندش سبب 20 پيٽرول اسٽيشنون به ڪم نه ڪري رهيون آهن. واضح رهي ته ان زلزلي کي 2022 کان پوءِ انڊونيشيا جو سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ زلزلو قرار ڏنو پيو وڃي.