لاڙڪاڻو- 15 آگسٽ (اي پي پي) سڄي ملڪ وانگر ايف آءِ اي سرڪل آفيس لاڙڪاڻو ۾ به پاڪستان جو 79هون آزادي جو ڏهاڙو مڪمل قومي جذبي ۽ شاندار انداز ۾ ملهايو ويو. آفيس ۾ هڪ تقريب جو بندوبست ڪيو ويو، جنهن ۾ ايس ايڇ او ايف آءِ اي سرڪل لاڙڪاڻو سعيد احمد چانڊيو ٻين آفيسرن سان گڏجي قومي جهنڊو ڦڙڪايو. ان موقعي تي سب انسپيڪٽر پير مهتاب، اي ايس آءِ …
لاڙڪاڻو ۾ ايف آءِ اي سرڪل آفيس ۾ 79هون آزادي جو ڏهاڙو قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو
لاڙڪاڻو- 15 آگسٽ (اي پي پي) سڄي ملڪ وانگر ايف آءِ اي سرڪل آفيس لاڙڪاڻو ۾ به پاڪستان جو 79هون آزادي جو ڏهاڙو مڪمل قومي جذبي ۽ شاندار انداز ۾ ملهايو ويو. آفيس ۾ هڪ تقريب جو بندوبست ڪيو ويو، جنهن ۾ ايس ايڇ او ايف آءِ اي سرڪل لاڙڪاڻو سعيد احمد چانڊيو ٻين آفيسرن سان گڏجي قومي جهنڊو ڦڙڪايو. ان موقعي تي سب انسپيڪٽر پير مهتاب، اي ايس آءِ آصف، هيڊ ڪانسٽيبل عبدالخالق ۽ اهلڪار (ايف سي) دلجيت، عبدالحسيب، مهتاب جتوئي، اياز جمالي سميت ٻين آفيسرن ۽ سڄي عملي شرڪت ڪئي. تقريب دوران آفيسرن ۽ اهلڪارن قومي پرچم کي باقاعده سلامي پيش ڪئي ۽ ملڪ جي سلامتي، بقا ۽ خوشحاليءَ لاءِ خاص دعائون گهريون ويون. بعد ۾ 79هين آزادي جي ڏهاڙي جي خوشيءَ ۾ ڪيڪ ڪاٽيو ويو ۽ مٺائي ورھائي وئي. ان موقعي تي ايس ايڇ او سعيد احمد چانڊيو خطاب ڪندي چيو ته 14 آگسٽ اسان جي وڏڙن جي قربانين جي ياد ڏياري ٿو.












