شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي پاران قومي آزاديءَ جو ڏهاڙو رت جا عطيا ڏئي ملھايو ويو

لاڙڪاڻو- 15 آگسٽ (اي پي پي) شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاهه مک آريجا ڪيمپس ۾ 14 آگسٽ جشنِ آزادي جي موقعي تي قومي جهنڊو ڦڙڪايو ۽ ڪيڪ ڪاٽيو. تقريب ۾ ڊين پروفيسر ڊاڪٽر شاهده مگسي، پرنسپال چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج پروفيسر ڊاڪٽر شاهد حسين سومرو، پروفيسر ڊاڪٽر ضمير احمد سومرو پرنسپال ڊينٽل ڪاليج پروفيسر ڊاڪٽر قائم الدين شيخ، سميت فيڪلٽي ميمبرن ۽ …

لاڙڪاڻو- 15 آگسٽ (اي پي پي) شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاهه مک آريجا ڪيمپس ۾ 14 آگسٽ جشنِ آزادي جي موقعي تي قومي جهنڊو ڦڙڪايو ۽ ڪيڪ ڪاٽيو. تقريب ۾ ڊين پروفيسر ڊاڪٽر شاهده مگسي، پرنسپال چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج پروفيسر ڊاڪٽر شاهد حسين سومرو، پروفيسر ڊاڪٽر ضمير احمد سومرو پرنسپال ڊينٽل ڪاليج پروفيسر ڊاڪٽر قائم الدين شيخ، سميت فيڪلٽي ميمبرن ۽ آفيسرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاهه خطاب ڪندي چيو ته آزادي الله پاڪ جي وڏي نعمت آهي، جنهن جو قدر ڪندي اسان سڀني کي پاڪستان جي ترقي، استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ پنھنجي ذميوارين کي ايمانداري سان نڀائڻ گهرجي. هن چيو ته نوجوان نسل ملڪ جو مستقبل آهي ۽ کين تعليم، تحقيق ۽ خدمتِ انسانيت ذريعي پاڪستان کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻو پوندو. بعد ۾ وائيس چانسلر چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي پھچي، آر بي سي جي تعاون سان قائم ڪيل بلڊ ڊونيشن ڪيمپ جو افتتاح ڪيو ۽ پاڻ پڻ رت جو عطيو ڏنو. ڪيمپ دوران فيڪلٽي ميمبرن ۽ شاگردن جي ڀرپور سھڪار سان ٿيليسميا جي مريضن لاءِ وڏي انگ ۾ رت جا عطيا گڏ ڪيا ويا. وائيس چانسلر رت جو عطيو ڏيندڙن کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته رت جو عطيو ڏيڻ هڪ عظيم انساني ۽ قومي خدمت آهي.