انڊونيشيا ۾ 7.7 شدت جو زلزلو، 2 ڄڻا فوت، سونامي وارننگ ختم

جڪارتا- 15 آگسٽ (اي پي پي) انڊونيشيا جي ٻيٽ فلوريس ويجهو ڇنڇر جي صبح 7.7 شدت جي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا جنهن سبب 2 ڄڻا فوت ٿي ويا، اختيارين آفٽرشاڪس جي امڪان کي نظر ۾ رکندي شهرين کي محتاط رهڻ جي هدايت ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق انڊونيشيا جي موسميات کاتي ٻڌايو ته زلزلي جو مرڪز اوڀر نوساتنگارا صوبي ۾ ايم بي کان 36 ڪلوميٽر اتر اوڀر ۾ …

جڪارتا- 15 آگسٽ (اي پي پي) انڊونيشيا جي ٻيٽ فلوريس ويجهو ڇنڇر جي صبح 7.7 شدت جي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا جنهن سبب 2 ڄڻا فوت ٿي ويا، اختيارين آفٽرشاڪس جي امڪان کي نظر ۾ رکندي شهرين کي محتاط رهڻ جي هدايت ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق انڊونيشيا جي موسميات کاتي ٻڌايو ته زلزلي جو مرڪز اوڀر نوساتنگارا صوبي ۾ ايم بي کان 36 ڪلوميٽر اتر اوڀر ۾ هو، جنهن جي اونهائي 15 ڪلوميٽر رڪارڊ ڪئي وئي. زلزلي کان پوءِ سونامي وارننگ جاري ڪئي وئي، پر بعد ۾ ان کي ختم ڪيو ويو. نيشنل ڊيزاسٽر منيجمينٽ ايجنسي مطابق زلزلي جي نتيجي ۾ هن وقت تائين 2 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ريسڪيو ٽيمون فلوريس ٻيٺ جي متاثر علائقن ۾ جاني ۽ مالي نقصان جو جائزو وٺي رهيون آهن. اختيارين امڪاني آفٽر شاڪس کي نظر ۾ رکندي عوام کي محتاط رهڻ جي هدايت ڪئي آهي.