ٽوڪيو- 15 آگسٽ (اي پي پي) جاپان جو پرڏيهي وزير توشيميتوموتيگي 17 آگسٽ کان سعودي عرب ۽ عمان جو سرڪاري دورو ڪندو جيڪو 22 آگسٽ تائين جاري رهندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق پرڏيهي وزارت ٻڌايو ته جاپان جو پرڏيهي وزير وچ اوڀر جي تازي صورتحال کي نظر ۾ رکندي پنهنجي سعودي هم منصب شهزاده فيصل بن فرحان سميت اهم حڪومتي عهديدارن سان ملاقاتون ڪندو. جاپان جو پرڏيهي وزير يمن جي صدارتي …
جاپان جو پرڏيهي وزير17 آگسٽ کان سعودي عرب ۽ عمان جو دورو ڪندو
ٽوڪيو- 15 آگسٽ (اي پي پي) جاپان جو پرڏيهي وزير توشيميتوموتيگي 17 آگسٽ کان سعودي عرب ۽ عمان جو سرڪاري دورو ڪندو جيڪو 22 آگسٽ تائين جاري رهندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق پرڏيهي وزارت ٻڌايو ته جاپان جو پرڏيهي وزير وچ اوڀر جي تازي صورتحال کي نظر ۾ رکندي پنهنجي سعودي هم منصب شهزاده فيصل بن فرحان سميت اهم حڪومتي عهديدارن سان ملاقاتون ڪندو. جاپان جو پرڏيهي وزير يمن جي صدارتي ڪائونسل جي چيئرمين رشاد محمد العليمي سان به ملاقات ڪندو جيڪو هن وقت سعودي عرب ۾ آهي. انهن ملاقاتن جو مقصد علائقائي ڇڪتاڻ کي فوري طور تي گهٽائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪرڻ، آبنائي هرمز ۽ باب المندب ذريعي آزاد ۽ محفوظ جهاز راني کي يقيني بڻائڻ آهي. جاپان جي پرڏيهي وزير جي دوري دوران مختلف شعبن ۽ ٻه طرفا لاڳاپن تي ڳالهه ٻولهه به متوقع آهي.












