سرينگر- 15 آگسٽ (اي پي پي) ڪنٽرول لائين جي ٻنهي پاسن سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميرين ڀارت جو يوم آزادي ڪاري ڏينهن طور ملهايو، جنهن جو مقصد ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جي غير قانوني قبضي خلاف احتجاج آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڀارت جي يوم آزادي کي ڪاري ڏينهن طور ملهائڻ جو سڏ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ڏنو هو، جڏهن ته سمورن آزادي پسند اڳواڻن ان جي حمايت …
ڪنٽرول لائين جي ٻنهي پاسن سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميرين ڀارت جو يوم آزادي ڪاري ڏينهن طور ملهايو
سرينگر- 15 آگسٽ (اي پي پي) ڪنٽرول لائين جي ٻنهي پاسن سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميرين ڀارت جو يوم آزادي ڪاري ڏينهن طور ملهايو، جنهن جو مقصد ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جي غير قانوني قبضي خلاف احتجاج آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڀارت جي يوم آزادي کي ڪاري ڏينهن طور ملهائڻ جو سڏ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ڏنو هو، جڏهن ته سمورن آزادي پسند اڳواڻن ان جي حمايت ڪئي. سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري ڀارت خلاف مظاهرا ڪري رهيا آهن ته جيئن دنيا جو ڌيان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري ڀارتي ظلم طرف ڇڪرائي سگهجي. واضح رهي ته والاريل ڄمون ڪشمير ۾ قابض ڀارتي انتظاميا پاڪستان جي حق ۽ ڀارت خلاف مظاهرا روڪڻ لاءِ پوري علائقي خاص ڪري سرينگر ۾ پابنديون سخت ڪري ڇڏيون آهن.












