سنڌ جي گورنر پاران يومِ آزادي جي موقعي تي ڪراچي ڪلب ۾ منعقد ٿيل تقريب ۾ شرڪت، قومي جهنڊو ڦڙڪايو

ڪراچي-14 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي پاڪستان جي يومِ آزادي جي موقعي تي ڪراچي ڪلب ۾ منعقد ٿيل تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ قومي جهنڊو ڦڙڪايو. تقريب کي خطاب ڪندي گورنر سنڌ چيو ته قائداعظم محمد علي جناحؒ جي ڪراچي ڪلب سان وابستگي اسان لاءِ فخر ۽ عزت جو سبب آهي. هن چيو ته 1947ع ۾ قائداعظمؒ جي ڪراچي ڪلب آمد تي سندن شاندار …

ڪراچي-14 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي پاڪستان جي يومِ آزادي جي موقعي تي ڪراچي ڪلب ۾ منعقد ٿيل تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ قومي جهنڊو ڦڙڪايو. تقريب کي خطاب ڪندي گورنر سنڌ چيو ته قائداعظم محمد علي جناحؒ جي ڪراچي ڪلب سان وابستگي اسان لاءِ فخر ۽ عزت جو سبب آهي. هن چيو ته 1947ع ۾ قائداعظمؒ جي ڪراچي ڪلب آمد تي سندن شاندار استقبال ڪيو ويو، جيڪو هن تاريخي اداري لاءِ وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي.گورنر سنڌ چيو ته قائداعظم محمد علي جناحؒ ۽ تحريڪِ پاڪستان جي اڳواڻن هڪ آزاد وطن جو خواب حقيقت ۾ بدلائي ڏيکاريو. اسان جي وڏڙن اهڙي پاڪستان جو خواب ڏٺو هو، جتي هو ۽ سندن ايندڙ نسل آزادي، امن ۽ سڪون سان زندگي گذاري سگهن. اڄ پاڪستان اسان جي وڏڙن ۽ قائداعظمؒ جي خوابن جي تعبير آهي.هن چيو ته تحريڪِ پاڪستان جي اڳواڻن مختصر زندگي ماڻي، پر قوم کي هزارين سالن تائين زندهه رهڻ لاءِ هڪ آزاد ملڪ ڏئي ويا. اسان جاگرافيائي هجرت جو سفر مڪمل ڪري ورتو آهي، هاڻي علم ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ اڳتي وڌڻ جو سفر شروع ڪرڻو آهي. پاڪستان کي ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ نوجوانن کي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. پاڪستاني نوجوان ڪمپيوٽر ۽ جديد ٽيڪنالاجي ۾ مهارت حاصل ڪري ملڪ کي ترقي جي نين منزلن تائين پهچائين.گورنر سنڌ چيو ته جنهن ملڪ جو واپاري خوشحال هوندو آهي، ان جو سماج به خوشحال هوندو آهي. زبير موتي والا، عقيل ڪريم ڊيڊي ۽ ٻيا واپاري ملڪ جي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. پاڪستان جي ترقي ۾ ميمڻ برادري جون خدمتون پڻ ساراهه جوڳيون آهن. هن چيو ته يومِ آزادي اسان کي انهن ماڻهن جي قربانين کي به ياد ڪرڻ جو پيغام ڏئي ٿو، جن هجرت ڪري پاڪستان ايندڙ ماڻهن لاءِ پنهنجا گهر، ڪاروبار ۽ دليون کولي ڇڏيون. ڪراچي جي رهواسين هجرت ڪري ايندڙ پاڪستانين جو کليل دل سان استقبال ڪيو. اسان کي انهن ماڻهن کي ڪڏهن به وسارڻ نه گهرجي، جن پاڪستان جي قيام کان پوءِ پنهنجي ڀائرن لاءِ محبت، ڀائيچاري ۽ ايثار جو مثال قائم ڪيو.گورنر سنڌ چيو ته پاڪستان جي ترقي، خوشحالي ۽ استحڪام لاءِ واپاري برادري ۽ نوجوانن کي گڏجي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

مزید خبریں