اسلام آباد-14 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال يوم آزادي جي 79 هين سالگرهه تي پنهنجي پيغام ۾ قوم کي پاڪستان جي يوم آزادي جون دلي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته يوم آزادي اسان لاءِ خوشي، شڪر گذاري، فخر ۽ عزم ورجائڻ جو ڏينهن آهي. وزارت مان جمعي ڏينهن جاري بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته اڄوڪو ڏينهن الله تعاليٰ جي حضور …
آزادي اسان لاءِ خوشي، شڪر گذاري، فخر ۽ عزم ورجائڻ جو ڏينهن آهي: وفاقي وزير احسن اقبال
اسلام آباد-14 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال يوم آزادي جي 79 هين سالگرهه تي پنهنجي پيغام ۾ قوم کي پاڪستان جي يوم آزادي جون دلي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته يوم آزادي اسان لاءِ خوشي، شڪر گذاري، فخر ۽ عزم ورجائڻ جو ڏينهن آهي. وزارت مان جمعي ڏينهن جاري بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته اڄوڪو ڏينهن الله تعاليٰ جي حضور ۾ شڪر ڪرڻ ۽ قومي ڪاميابين تي خوشيون ملهائڻ جو ڏينهن آهي. احسن اقبال چيو ته اسان حق جي ويڙهه ۾ ڪاميابين تي الله تعاليٰ جو شڪريو مڃيندي يوم آزادي جو جشن ملهائي رهيا آهيون. هن چيو ته اڄ اسان کي آزادي جي حفاظت سان معرڪه معيشت ۾ به پاڪستان جي صلاحيت مڃرائي آهين، اسان کي قوم جي حيثيت سان متحد ٿي معاشي ميدان ۾ پاڪستان کي هڪ مضبوط ۽ باوقار ملڪ بڻائڻ آهي، پاڪستان جي ترقي، خوشحالي ۽ معاشي خودمختياري لاءِ سڄي قوم کي متحد ٿي اڳتي وڌڻو پوندو. پروفيسر اقبال چيو آهي ته اڄ رڳو پاڪستان جي يوم آزادي جي 79 هين سالگرهه نه ملهائي رهيا آهيون پر پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح ۽ علامه اقبال جي 150 هين يوم پيدائش جون خوشيون به ملهائي رهيا آهيون. هن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح ۽ علامه محمد اقبال هڪ آزاد ۽ خودمختيار پاڪستان جو خواب ڏٺو، يوم آزادي اسان کي قائداعظم محمد علي جناح ۽ علامه محمد اقبال جي عظيم جدوجهد، بصيرت ۽ قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو، اسان کي قائداعظم جي اتحاد، ايمان ۽ نظم ۽ ضبط جي اصولن کي پنهنجي قومي زندگي جو حصو بڻائڻو پوندو. رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير چيو ته اڄوڪي ڏينهن اسان کي اهو چوڻ ڪرڻو آهي ته اسان پاڪستان کي هڪ مضبوط، خوشحال، خودمختيار ۽ ترقي يافته ملڪ بڻائڻ لاءِ پنهنجي سمورين صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻينداسين. هن چيو ته آزادي جي حفاظت صرف سرحدن تي ناهي، معاشي، علمي، سائنسي ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدانن ۾ ڪاميابي سان به ٿيندي آهي.











