ڪراچي -14آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي پورهئي، افرادي قوت ۽ سماجي تحفظ واري وزير سعيد غني چيو آهي ته سمورين سياسي جماعتن، عدالتن، ميڊيا ۽ ٻين ادارن، جن جو قوم جي تعمير ۾ ڪردار آهي، انهن کي پنهنجون حدون مقرر ڪرڻيون پونديون. سياسي اختلاف هر ملڪ ۾ ٿيندا آهن ۽ اهي زنده قومن جي نشاني آهن، پر اختلافن جي به هڪ حد هجڻ گهرجي. اهڙو اظهار هن ڪورنگي ايسوسيئيشن آف …
سمورين سياسي جماعتن، عدالتن، ميڊيا ۽ ٻين ادارن، جن جو قوم جي تعمير ۾ ڪردار آهي، کين پنهنجون حدون مقرر ڪرڻيون پونديون: سعيد غني

مزید خبریں
ڪراچي -14آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي پورهئي، افرادي قوت ۽ سماجي تحفظ واري وزير سعيد غني چيو آهي ته سمورين سياسي جماعتن، عدالتن، ميڊيا ۽ ٻين ادارن، جن جو قوم جي تعمير ۾ ڪردار آهي، انهن کي پنهنجون حدون مقرر ڪرڻيون پونديون. سياسي اختلاف هر ملڪ ۾ ٿيندا آهن ۽ اهي زنده قومن جي نشاني آهن، پر اختلافن جي به هڪ حد هجڻ گهرجي. اهڙو اظهار هن ڪورنگي ايسوسيئيشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽري جي مرڪزي آفيس ۾ يوم آزادي جي حوالي سان منعقد ٿيل جهنڊو ڦڙڪائڻ واري تقريب کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ ڪاٽي جي صدر محمد اڪرام راجپوت، ڊپٽي پيٽرن ان چيف زبير ڇايا، چيئرمين ڪورنگي ٽائون محمد نعيم شيخ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. تقريب دوران صوبائي وزير سعيد غني ڪاٽي جي عهديدارن، اڳوڻن صدرن ۽ ميمبرن گڏجي قومي جهنڊو ڦڙڪايو ۽ پاڪستان جي استحڪام، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي. سعيد غني چيو ته پاڪستان جي قيام کان وٺي هر سال يوم آزادي وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو آهي، پر گذريل ٻن سالن دوران معرڪه حق کانپوءِ يوم آزادي جي جشن ۾ جوش ۽ جذبو ڪيترائي ڀيرا وڌي ويو آهي. سندس چوڻ هو ته ٻه سال اڳ تائين عوام جي دلين ۾ اهو خدشو ضرور موجود هو ته جيڪڏهن ڀارت يا ڪو ٻيو ملڪ پاڪستان تي حملو ڪري ته صورتحال ڇا ٿيندي، پر معرڪه حق دوران پاڪ فوج، سمورين سياسي جماعتن ۽ عوام جنهن قومي يڪجهتي جو مظاهرو ڪيو، ان مان اهو ثابت ٿيو ته پاڪستاني قوم ۽ هٿياربند فوجون مضبوط ۽ مستحڪم آهن. صوبائي وزير چيو ته ڀارت کي فوجي ۽ معاشي لحاظ کان پاڪستان کان وڌيڪ طاقتور ملڪ سمجهيو ويندو هو، پر معرڪه حق دوران پاڪستان پنهنجي طاقت ۽ صلاحيت جو مظاهرو ڪري ثابت ڪيو ته پاڪستان ڪنهن به چئلينج کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو.سعيد غني چيو ته جنگ کان اڳ پاڪستان سفارتي محاذ تي به ايترو مضبوط نظر نه ايندو هو، پر معرڪه حق کانپوءِ دنيا ۾ پاڪستان بابت ڪمزوري وارو تاثر ختم ٿيو ۽ ملڪ سفارتي طور تي وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم بڻجي سامهون آيو. هن چيو ته معرڪه حق کانپوءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ هڪ سفارتي وفد دنيا جي مختلف ملڪن جو دورو ڪري پاڪستان جو موقف پيش ڪيو. ساڳئي وقت ڀارت به پنهنجي هڪ سفارتي وفد کي تجربيڪار اڳواڻ جي قيادت ۾ مختلف ملڪن ڏانهن موڪليو. سعيد غني موجب پاڪستاني سفارتي وفد دنيا آڏو پاڪستان جو موقف موثر نموني پيش ڪيو، جنهن سان پاڪستانين جا ڪنڌ فخر سان بلند ٿيا، جڏهن ته ڀارتي وفد کي مختلف ملڪن ۾ شرمندگي کي منهن ڏيڻو پيو. هن معرڪه حق دوران پاڪستاني ميڊيا جي ڪردار کي پڻ ساراهيندي چيو ته پاڪستاني ميڊيا ذميواري سان پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، جڏهن ته ڀارتي ميڊيا غير سنجيده ۽ مذاق بڻيل صورتحال ۾ نظر آيو. صوبائي وزير چيو ته پاڪستان جي نوجوانن به معرڪه حق دوران انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ذريعي اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ ڀارت کي اهڙو سبق سيکاريو، جيڪو هو ڊگهي عرصي تائين وساري نه سگهندو. سعيد غني چيو ته بدقسمتي سان اسان جي ملڪ ۾ سياسي اختلاف ڪيترائي ڀيرا مقرر حدن کان اڳتي نڪري وڃن ٿا. هن زور ڀريو ته سمورين سياسي جماعتن، عدالتن، ميڊيا ۽ ٻين ادارن کي پنهنجي آئيني ۽ ادارتي حدن جو تعين ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستاني قوم ۾ اها صلاحيت موجود آهي ته اها سمورين مشڪلاتن، مسئلن ۽ چئلينجن جو مقابلو ڪري انهن کي حل ڪري سگهي ٿي. سعيد غني وڌيڪ چيو ته ملڪ جي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ ضروري آهي. هن ٻڌايو ته هلندڙ سال جي بجيٽ ۾ سنڌ حڪومت وفاق کي 260 ارب رپيا ڏنا آهن. جيڪڏهن سنڌ جو ساليانو روينيو ڪليڪشن ٻيڻو ٿي وڃي ته وفاق کان سنڌ کي پنهنجو حصو وٺڻ جي ضرورت نه پوي. صوبائي وزير چيو ته معرڪه حق کانپوءِ هاڻي ڀارت صدين تائين پاڪستان کي ميري اک سان ڏسڻ جي همت نه ڪندو.











