ڪراچي-06 آگسٽ (اي پي پي)پاڪستان جي يومِ آزاديءَ جي ڏهاڙي تي سنڌ انوائرنمينٽ پروٽيڪشن ايجنسي (سيپا) جي هيڊ آفيس ۾ پاڪستان جو جھنڊو ڦڙڪائڻ بابت هڪ شاندار تقريب منعقد ٿي. سيڪريٽري ماحوليات فيصل عقيلي ۽ ڊي جي سيپا عاشق لانگاهه جي قيادت ۾ سيپا ڪمپليڪس ۾ قومي جهنڊو ڦڙڪايو ويو جڏهن ته سيڪريٽري ماحوليات فيصل عقيلي، ڊي جي سيپا عاشق لانگاهه سميت ماحوليات کاتي جي آفيسرن ٻوٽا پوکي سرسبز سنڌ جي عزم جو اظهار ڪيو.ان موقعي تي سيڪريٽري …
جشن آزاديءَ جي ڏهاڙي تي (سيپا) جي هيڊ آفيس ۾ پاڪستان جو جھنڊو ڦڙڪائڻ بابت هڪ شاندار تقريب منعقد

مزید خبریں
ڪراچي-06 آگسٽ (اي پي پي)پاڪستان جي يومِ آزاديءَ جي ڏهاڙي تي سنڌ انوائرنمينٽ پروٽيڪشن ايجنسي (سيپا) جي هيڊ آفيس ۾ پاڪستان جو جھنڊو ڦڙڪائڻ بابت هڪ شاندار تقريب منعقد ٿي. سيڪريٽري ماحوليات فيصل عقيلي ۽ ڊي جي سيپا عاشق لانگاهه جي قيادت ۾ سيپا ڪمپليڪس ۾ قومي جهنڊو ڦڙڪايو ويو جڏهن ته سيڪريٽري ماحوليات فيصل عقيلي، ڊي جي سيپا عاشق لانگاهه سميت ماحوليات کاتي جي آفيسرن ٻوٽا پوکي سرسبز سنڌ جي عزم جو اظهار ڪيو.ان موقعي تي سيڪريٽري ماحوليات فيصل عقيلي چيو ته پاڪستان جي يومِ آزاديءَ تي ماحول دوست طرزِ زندگيءَ کي اپنائڻ سڀ کان وڏو تحفو آهي. ماحولياتي تحفظ هر شھريءَ جو قومي فرض آهي ۽ قدرتي وسيلن جو تحفظ ايندڙ نسلن لاءِ قيمتي اثاثو آهي.ڊائريڪٽر جنرل سيپا عاشق لانگاهه چيو ته ماحولياتي جاڳرتا لاءِ هر قومي ڏينهن کي منفرد انداز ۾ ملهائيندا آهيون. جشنِ آزاديءَ جي موقعي تي سيپا ڪمپليڪس کي دلڪش سائي رنگ جي روشنين سان سجايو ويو. عمارت جي ٻاهرين ۽ اندرين سجاوٽ کي خاص طور تي گرين ٿيم ڏنو و ويو. رنگ برنگي لائٽن ۽ سائي رنگ جي جهنڊين جي سجاوٽ ماحول کي وڌيڪ خوشنما بڻائي ڇڏيو.هن وڌيڪ چيو ته سائي رنگ جي روشني اميد، خوشحالي ۽ پائيدار ترقيءَ جي علامت آهي. عمارت کي سائي رنگ سان سجائي وڻڪاري، فضائي گدلاڻ ۾ گھٽتائي ۽ قدرتي وسيلن جي تحفظ جو پيغام ڏنو پيو وڃي. شهرين جي وڏي تعداد چراغان جو مشاهدو ڪيو ۽ ”گرين سنڌ، ڪلين سنڌ“ جي نعريبازيءَ سان فضا گونجندي رهي.











