پاڪستان جي آزادي جو ڏهاڙو ميونسپل اسٽيڊيم لاڙڪاڻو ۾ وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو

لاڙڪاڻو - 14 آگسٽ (اي پي پي) سموري ملڪ جيان لاڙڪاڻي ضلعي ۾ به پاڪستان جي آزادي جو ڏهاڙو وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو. ان سلسلي ۾ سڀ کان مکيه تقريب ميونسپل اسٽيڊيم لاڙڪاڻو ۾ ٿي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو، ميئر ميونسپل ڪارپوريشن لاڙڪاڻو ايڊووڪيٽ انور علي لهر، چيئر مين ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻو اعجاز احمد لغاري، ڊپٽي ميئر لاڙڪاڻو محمد امين شيخ ۽ ٻين گڏجي پاڪستان جو قومي جھنڊو …

لاڙڪاڻو – 14 آگسٽ (اي پي پي) سموري ملڪ جيان لاڙڪاڻي ضلعي ۾ به پاڪستان جي آزادي جو ڏهاڙو وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو. ان سلسلي ۾ سڀ کان مکيه تقريب ميونسپل اسٽيڊيم لاڙڪاڻو ۾ ٿي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو، ميئر ميونسپل ڪارپوريشن لاڙڪاڻو ايڊووڪيٽ انور علي لهر، چيئر مين ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻو اعجاز احمد لغاري، ڊپٽي ميئر لاڙڪاڻو محمد امين شيخ ۽ ٻين گڏجي پاڪستان جو قومي جھنڊو ڦڙڪايو ۽ قومي ترانو پڻ وڄايو ويو. ان موقعي تي پاڪستان زنده باد پاڪ فوج زنده باد جا نعرا پڻ هنيا ويا. تقريب جو آغاز  تلاوت ڪلام پاڪ ۽ نعت خواني سان ٿيو، ان بعد سوئيٽ هوم ۽ مختلف اسڪولن جي ٻارڙن قومي نغمن تي ٽيبلوز پڻ پيش ڪيا. تقريب کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو چيو ته پهرين آگسٽ کان وٺي 14 آگسٽ تائين اسان جشن آزادي جا پروگرام ڪري رهيا آهيون ۽ اڄوڪو پروگرام به ان سلسلي جي ڪڙي آهي. اسان جي وڏڙن وڏيون قربانيون ڏنيون ۽ ان کانپوءِ آزادي حاصل ٿي. هن چيو ته اڄ اسين پاڪستان جو 79 هين يوم آزادي ملهائي رهيا آهيون، 1947ع ۾ قائد اعظم جي اڳواڻي ۾ پاڪستان آزاد ٿيو ۽ اڄ اسين هر سطح تي آزاد قوم جي حيثيت سان زندگي گذاري رهيا آهيون. ان موقعي تي ميئر ميونسپل ڪارپوريشن لاڙڪاڻو ايڊووڪيٽ انور علي لهر ڳالهائيندي چيو ته اسان کي آزاد ٿئي 79 سال مڪمل ٿيا آهن ۽ جيڪي ڪاميابيون اسان حاصل ڪيون آهن اهي ڪنهن کان لڪل نه آهن. اسان جي پاڪ فوج هن ملڪ جي حفاظت لاءِ هر وقت تيار آهي. ان موقعي تي هن وڏي جوش ۽ جذبي سان پاڪستان زنده باد، پاڪ فوج زنده باد جا نعرا پڻ لڳرايا.  ان موقعي تي تقرير ڪندي چيئرمين ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻو اعجاز احمد لغاري چيو ته اوهان سڀني کي جشن آزاديءَ جو ڏينهن مبارڪ هجي ڇاڪاڻ ته آزادي هڪ وڏي نعمت آهي ۽ اسان کي ان نعمت جو قدر ڪرڻ گھرجي ڇاڪاڻ ته هي آزادي وڏي ڪوششن ۽ جدوجهد سان ملي آهي. ڊپٽي ميئر لاڙڪاڻو محمد امين شيخ ڳالهائيندي چيو ته اڄ اسان کي آزاد ٿئي 79 سال مڪمل ٿيا آهن ۽ ان عرصي ۾ اسان جيڪي ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن اهي ڪنهن کان لڪل نه آهن، اسان کي گھرجي ته اسين ڏينهن رات محنت ڪريون ۽ هن ملڪ جي ترقي لاءِ جدوجهد ڪريون ته جيئن هي ملڪ دنيا جي نقشي تي هڪ بهترين ملڪ ثابت ٿئي ۽ اسان بنا ڪنهن فرق جي پاڻ ۾ اتحاد ۽ اتفاق ڪريون.  تقريب جي آخر ۾ ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو، چيئرمين ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻو اعجاز احمد لغاري، ميئر لاڙڪاڻو ايڊووڪيٽ انور علي لهر، ڊائريڪٽر اطلاعات لاڙڪاڻو ارشاد علي چانڊيو ۽ علي لاڙڪ، علي بخش ڏاهاڻي، اسسٽنٽ ڪمشنر لاڙڪاڻو راجا دريا خان قريشي، پريس ڪلب لاڙڪاڻو جو صدر عبدالقادر جاگيراڻي، جنرل سيڪريٽري پريس ڪلب لاڙڪاڻو طارق محمود دراني، شاهزيب ابڙو، معشوق اوڍاڻو، چيئرمين سچل ٽائون لاڙڪاڻو سرائي سرفراز کوکر، ڊي اي او سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻو، ڊي اي او پرائمري اسڪول لاڙڪاڻو انيس الرحمان جلباڻي ۽ مختلف ادارن جي آفيسرن ۽ ملازمن کي ايوارڊ ڏنا ويا. آخر ۾ جشن آزديءَ جي موقعي تي ڪيڪ ڪاٽيو ويو، پکين کي هوا ۾ آزاد ڇڏيو ويو ۽ ٻوٽا پڻ پوکيا ويا.