لاڙڪاڻو: تعليم کاتي طرفان جشن آزادي جي حوالي سان بيگم نصرت ڀٽو ميموريل هال ۾ شاندار تقريب منعقد

لاڙڪاڻو- 12 آگسٽ (اي پي پي) لاڙڪاڻي ۾ تعليم کاتي طرفان 14 آگسٽ جشن آزادي جي حوالي سان تعلقي سطح تي شهر جي بيگم نصرت ڀٽو ميموريل هال ۾ شاندار تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو، ڊائريڪٽر پرائمري خليل احمد مهر، ڊي اِي او پرائمري انيس الرحمان جلباڻي، ڊائريڪٽر سيڪنڊري الله بخش سومرو، ڊي اِي او سيڪنڊري عبدالرشيد چانڊيو، محتسب اعليٰ لاڙڪاڻو زاهد حسين ٻرڙو، …

لاڙڪاڻو- 12 آگسٽ (اي پي پي) لاڙڪاڻي ۾ تعليم کاتي طرفان 14 آگسٽ جشن آزادي جي حوالي سان تعلقي سطح تي شهر جي بيگم نصرت ڀٽو ميموريل هال ۾ شاندار تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو، ڊائريڪٽر پرائمري خليل احمد مهر، ڊي اِي او پرائمري انيس الرحمان جلباڻي، ڊائريڪٽر سيڪنڊري الله بخش سومرو، ڊي اِي او سيڪنڊري عبدالرشيد چانڊيو، محتسب اعليٰ لاڙڪاڻو زاهد حسين ٻرڙو، ٽي اِي او منير احمد ڀٽو، ٽي اِي او جاويد، علي مظفر لاهوري، محمد علي شيخ، سعيده عباسي، مس فوزيه، مسعود اختر سومرو، منور علي ڪلهوڙو، ايڊووڪيٽ قدير پيارل ڊومڪي سميت مختلف اسڪولن جي ميل، في ميل استادن توڙي ٻارڙن ۽ اسٽاف وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اسڪولي ٻارڙن طرفان مختلف قسمن جا ٽيبلوز پيش ڪرڻ سان گڏ تقريرون ڪندي ملي نغمه ڳائي خوب داد وصول ڪيو. ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊي سي لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو چيو ته 14 آگسٽ جشن آزادي جي مناسبت سان تعليم کاتي پاران شاندار تقريب ڪوٺائي وئي آهي، جنهن ۾ اسڪولي ٻارڙن حصو وٺي ٽيبلوز، تقريرون ۽ ملي نغمن ذريعي پنهنجي پياري وطن پاڪستان سان پيار ۽ محبت جو اظهار ڪيو آهي، جنهن جي جيتري تعريف ڪجي اها گهٽ آهي. ان موقعي تي ڊي اِي او پرائمري لاڙڪاڻو انيس الرحمان جلباڻي چيو ته اڄوڪو هي پروگرام 14 آگسٽ جي مناسبت سان رٿيل آهي، جنهن ۾ پرائمري توڙي سيڪنڊري جي ٻارڙن شاندار نموني سان پارٽيسپيٽ ڪري پنهنجي وطن عزيز پاڪستان سان محبت جو اظهار ڪرڻ سان گڏ قومي هيروز کي ڀيٽا پيش ڪري رهيا آهن. هن چيو ته تعليم کاتي پاران پهرين آگسٽ کان وٺي 14 آگسٽ جا پروگرام مختلف هلندڙ آهن، جيڪي مک ڏينهن تائين جاري رهندا، هنن پروگرامن ۾ تعليم کاتي سان لاڳاپيل آفيسر، استاد، ٽيچرس، اسٽاف، شاگرد توڙي شاگردياڻيون وڏي جوش ۽ جذبي سان حصو وٺي دنيا کي اهو پيغام ڏئي رهيا آهن ته اسان پاڪستاني شهري پنهنجي پيار ملڪ سان بي پناھ پيار ڪيون ٿا. هوڏانهن تقريب ۾ ٽيبلوز، تقريرون ۽ ملي نغمه پيش ڪرڻ دوران پوزيشن حاصل ڪندڙ اسڪولي ٻارڙن کي مختلف قسمن جا انعام پڻ ڏنا ويا.