حيدرآباد- 12 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ قومي اقليتي ڏينهن 2026ع جي حوالي سان تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ رواداري، مذهبي هم آهنگي، برابري ۽ پرامن بقا کي هٿي ڏيڻ تي زور ڀريو ويو. تقريب ۾ سرڪاري آفيسرن، اقليتي برادرين جي نمائندن، سول سوسائٽي، مذهبي اڳواڻن، نوجوانن ۽ مختلف شعبن سان لاڳاپيل ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي حيدرآباد جي ڪمشنر فياض حسين عباسي …
حيدرآباد ۾ قومي اقليتي ڏينهن ملهايو ويو، رواداري، برابري ۽ بين المذاهب هم آهنگي تي زور

مزید خبریں
حيدرآباد- 12 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ قومي اقليتي ڏينهن 2026ع جي حوالي سان تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ رواداري، مذهبي هم آهنگي، برابري ۽ پرامن بقا کي هٿي ڏيڻ تي زور ڀريو ويو. تقريب ۾ سرڪاري آفيسرن، اقليتي برادرين جي نمائندن، سول سوسائٽي، مذهبي اڳواڻن، نوجوانن ۽ مختلف شعبن سان لاڳاپيل ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي حيدرآباد جي ڪمشنر فياض حسين عباسي چيو ته مضبوط ۽ پرامن معاشري لاءِ برداشت، هڪ ٻئي جي مذهب ۽ عقيدن جو احترام ۽ پرامن بقا کي هٿي ڏيڻ انتهائي ضروري آهي. هن چيو ته ملڪ جو هر شهري، ان جو تعلق ڪنهن به مذهب يا برادري سان هجي، برابر حقن، عزت، احترام ۽ ترقي جي هڪجهڙن موقعن جو حقدار آهي. هن چيو ته بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ ۽ اهڙو جامع معاشرتي ماحول جوڙڻ لاءِ گڏيل ڪوششون ضروري آهن، جتي هر شهري ملڪ ۽ معاشري جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي. تقريب دوران قائداعظم محمد علي جناح جي اقليتن بابت پيغام تي خاص پريزنٽيشن پيش ڪئي وئي، جڏهن ته ٻارن ۽ نوجوانن پاران مختلف پروگرام پڻ پيش ڪيا ويا. ان موقعي تي ثقافتي پرفارمنس، ڪيڪ ڪاٽڻ جي تقريب، ملي نغمه ۽ رقص پڻ پيش ڪيو ويو. سيون پوليس يوٿ گروپ پاران سيون پوليس سفارشن بابت پڻ پريزنٽيشن ڏني وئي. تقريب ۾ ڊي آءِ جي حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجو، سينيٽر ڪرشنا ڪماري، ايڊووڪيٽ رميس گپتا، ڊي ايس پي پارس بکراڻي، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر، گفرانه آرائين، پشپا ڪماري، سي ايس ايس پي جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر نور محمد بجير، عبدالوحد، جاويد ايمانوئل سميت اقليتي برادرين جي نمائندن، سول سوسائٽي جي ميمبرن، مذهبي اڳواڻن، نوجوانن ۽ ٻين معزز شخصيتن شرڪت ڪئي. تقريب جي پڄاڻي تي نمايان خدمتون سرانجام ڏيندڙ شخصيتن ۾ شيلڊون ورهايون ويون.











