حيدرآباد-12 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ ملڪ جي 79هين جشنِ آزادي جي سلسلي ۾ ”ثقافتي رنگارنگي ۽ مختلف ثقافتن جي نمائش“ جي عنوان سان هڪ ثقافتي تقريب ڊاڪٽر اي ايم شيخ آڊيٽوريم هال ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ پاڪستان جي مختلف صوبن ۽ علائقن جي ثقافت، روايتن، لباس، ٻولين، موسيقي، رهڻي ڪهڻي ۽ زرعي زندگي جي مختلف پاسن کي اجاگر ڪيو ويو. تقريب جي خاص …
سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو جام ۾ ”ثقافتي نمائش“ جي عنوان سان تقريب

مزید خبریں
حيدرآباد-12 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ ملڪ جي 79هين جشنِ آزادي جي سلسلي ۾ ”ثقافتي رنگارنگي ۽ مختلف ثقافتن جي نمائش“ جي عنوان سان هڪ ثقافتي تقريب ڊاڪٽر اي ايم شيخ آڊيٽوريم هال ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ پاڪستان جي مختلف صوبن ۽ علائقن جي ثقافت، روايتن، لباس، ٻولين، موسيقي، رهڻي ڪهڻي ۽ زرعي زندگي جي مختلف پاسن کي اجاگر ڪيو ويو. تقريب جي خاص مهمان ۽ فڪلٽي آف ڪراپ پراڊڪشن جي ڊين ڊاڪٽر عنايت الله راڄپر خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياهه سان لاڳاپيل سنڌ جي قديم تهذيب ۽ ثقافت هزارين سالن جي تاريخي ورثي جي عڪاسي ڪري ٿي، جڏهن ته پاڪستان جي مختلف صوبن ۽ علائقن جون ثقافتون گڏجي قومي ثقافت جو هڪ خوبصورت گلدستو بڻجن ٿيون. هن چيو ته پاڪستان جي ثقافتي رنگارنگي حقيقت ۾ اسان جي قومي طاقت، رواداري ۽ هڪ ٻئي لاءِ احترام جي علامت آهي. هن چيو ته ملڪ جي مختلف علائقن جي زرعي ثقافت ۾ پڻ گهري هڪجهڙائي موجود آهي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان جي معيشت، تهذيب ۽ ٻهراڙيءَ واري زندگي جو بنيادي تعلق زراعت سان آهي. سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجي زرعي ثقافت سان خاص محبت آهي، جنهن جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته هتي ماڻهو پنهنجن ٻارن جا نالا گلن، ميون، وڻن ۽ خوبصورت پکين جي نالن تي پڻ رکن ٿا. هن چيو ته اسان کي پنهنجي ثقافتي ورثي کي محفوظ رکڻ سان گڏ نئين نسل کي پڻ ان کان روشناس ڪرائڻو پوندو. فيڪلٽي آف ڪراپ پروٽيڪشن جي ڊين ڊاڪٽر عبدالمبين لوڌي چيو ته پاڪستان جا فنونِ لطيفه، ادب، شاعري، موسيقي، رقص ۽ روايتي لباس اسان جي شاندار تاريخ ۽ مضبوط تهذيبي بنيادن جي عڪاسي ڪن ٿا. هن چيو ته ثقافت ڪنهن به قوم جي سڃاڻپ هوندي آهي، ان ڪري نوجوان نسل کي پنهنجي ثقافتي ورثي سان ڳنڍڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، چيئرمين اسٽيپ ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر چيو ته پاڪستان جون مختلف ٻوليون، لباس، موسيقي، رقص، کاڌا، رسمون، رواج ۽ روايتون ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته پاڪستان ثقافتي لحاظ کان هڪ انتهائي شاهوڪار ملڪ آهي. هن چيو ته سنڌ جي ٽوپي، اجرڪ، رلي، لنگي ۽ روايتي مهمان نوازي پنهنجي منفرد سڃاڻپ رکن ٿا، جڏهن ته پنجاب، بلوچستان، خيبر پختونخوا، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جون ثقافتون پڻ پنهنجي منفرد رنگن ۽ روايتن سبب قومي ثقافتي حسن ۾ اضافو ڪن ٿيون. ان موقعي تي ڊاڪٽر تحسين فاطمه مياڻو، ڊاڪٽر ظهير خان ۽ ٻين مقررن پڻ خطاب ڪيو ۽ پاڪستان جي مختلف علائقن جي ثقافتي خصوصيتن، تاريخي پسمنظر ۽ سماجي روايتن تي روشني وڌي، تقريب جو سڀ کان نمايان حصو شاگردن پاران مختلف صوبن ۽ علائقن جي ثقافتن جي عڪاسي تي ٻڌل پروگرام هو، جنهن ۾ شاگردن مختلف علائقائي ۽ قومي گيتن تي ثقافتي رقص پيش ڪيا. شاگردن پنهنجي شاندار پرفارمنس ذريعي سنڌ، پنجاب، بلوچستان، خيبر پختونخوا، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي ثقافتي رنگن کي خوبصورتي سان اجاگر ڪيو، جنهن کي تقريب ۾ موجود شرڪت ڪندڙن پاران ڀرپور موٽ ۽ داد ڏنو ويو.











