حيدرآباد- 12 آگسٽ(اي پي پي) ريڊيو پاڪستان حيدرآباد طرفان جشنِ آزاديءَ جي حوالي سان خصوصي پروگرام نشر ڪيا پيا وڃن. جن جو سلسلو پهرين آگسٽ کان شروع ٿيل آهي ۽ 31 آگسٽ تائين جاري رهندو، جن ۾ دستاويزي پروگرام، فيچرز، مذاڪرا، انٽرويوز، نوجوانن لاءِ خصوصي سلسلا ۽ زندگيءَ جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جا تاثرات شامل آهن. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي پروگرامن ۾ تحريڪِ آزادي، ملڪي استحڪام، قومي …
ريڊيو پاڪستان حيدرآباد طرفان جشنِ آزاديءَ جي حوالي سان خصوصي پروگرام نشر اهو سلسلو پهرين آگسٽ کان 31 آگسٽ تائين جاري رهندو

مزید خبریں
حيدرآباد- 12 آگسٽ(اي پي پي) ريڊيو پاڪستان حيدرآباد طرفان جشنِ آزاديءَ جي حوالي سان خصوصي پروگرام نشر ڪيا پيا وڃن. جن جو سلسلو پهرين آگسٽ کان شروع ٿيل آهي ۽ 31 آگسٽ تائين جاري رهندو، جن ۾ دستاويزي پروگرام، فيچرز، مذاڪرا، انٽرويوز، نوجوانن لاءِ خصوصي سلسلا ۽ زندگيءَ جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جا تاثرات شامل آهن. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي پروگرامن ۾ تحريڪِ آزادي، ملڪي استحڪام، قومي يڪجهتي ۽ ٻين موضوعن بابت مواد شامل آهي. جشنِ آزاديءَ جي حوالي سان ريڊيو پاڪستان حيدرآباد طرفان ٻه نوان ملي نغما پڻ تيار ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ ريشما پروين جي آواز ۾ ” پاڪستان سان پيار اسان جو“۽ ياسر علي لطيفي جي آواز ۾ ”جشنِ آزادي ملهايون“ شامل آهن، ان کان علاوه جشنِ آزاديءَ جي حوالي سان نوجوانن، شاگردن، عورتن ۽ ٻارن لاءِ شوز پڻ منعقد ڪيا پيا وڃن. تنهن کان سواءِ جشنِ آزاديءَ جي حوالي سان پوڊ ڪاسٽ انٽرويوز پڻ نشر ڪيا پيا وڃن.











