پشاور- 12 آگسٽ (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان اربع ڏينهن اقليتي برادري جي نمائنده وفد گورنر هائوس پشاور ۾ ملاقات ڪئي. گورنر هائوس پشاور جي ترجمان مطابق وفد ۾ نيشنل ڪميشن آف پاڪستان فارهيومن رائٽس جو صوبائي چيئرمين پرويز اقبال، صوبائي اسيمبلي جي ميمبر بابا جي گورپال سنگهه، فادر طارق محمود رومن ڪيٿولڪ چرچ ۽ ڪيريٽاس پاڪستان جي صوبائي ڪوآرڊينيٽر ططس نيروز گل شامل …
خيبر پختونخوا جي گورنر سان اقليتي برادري جي نمائنده وفد جي ملاقات

مزید خبریں
پشاور- 12 آگسٽ (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان اربع ڏينهن اقليتي برادري جي نمائنده وفد گورنر هائوس پشاور ۾ ملاقات ڪئي. گورنر هائوس پشاور جي ترجمان مطابق وفد ۾ نيشنل ڪميشن آف پاڪستان فارهيومن رائٽس جو صوبائي چيئرمين پرويز اقبال، صوبائي اسيمبلي جي ميمبر بابا جي گورپال سنگهه، فادر طارق محمود رومن ڪيٿولڪ چرچ ۽ ڪيريٽاس پاڪستان جي صوبائي ڪوآرڊينيٽر ططس نيروز گل شامل هئا. ملاقات ۾ اقليتي برادري کي درپيش مسئلن، انهن جي بنيادي حقن جي تحفظ، مذهبي هم آهنگي ۽ صوبي ۾ بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، گورنر چيو ته خيبر پختونخوا ۾ اقليتي برادري جي مسئلن جي حل ۽ انهن کي درپيش مشڪلات جي ازالي لاءِ لاڳاپيل ادارن سان گڏجي هر ممڪن قدم کنيا وڃن، ملاقات جي پڄاڻي تي نيشنل ڪميشن آف پاڪستان فارهيومن رائٽس جو صوبائي چيئرمين پرويز اقبال گورنر کي يادگاري شيلڊ پيش ڪئي.











