سعودي عرب جي پرڏيهي وزير سان ترڪيه جي هم منصب جو ٽيليفونڪ رابطو، علائقائي صورتحال ۽ سفارتي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ

رياض-12 آگسٽ (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان ترڪيه جي هم منصب هاڪان فيدان ٽيليفون تي رابطو ڪيو. پرڏيهي ميديا موجب رابطي دوران سعودي عرب ۽ ترڪيه وچ ۾ گڏيل سهڪار جي موقعن تي غور ڪيو ويو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن علائقائي صورتحال ۽ سفارتي قدمن جي حمايت لاءِ گڏيل ڪوششن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي. نار عرب ۽ ڳاڙهي سمنڊ ۾ آبي گذرگاهن …

رياض-12 آگسٽ (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان ترڪيه جي هم منصب هاڪان فيدان ٽيليفون تي رابطو ڪيو. پرڏيهي ميديا موجب رابطي دوران سعودي عرب ۽ ترڪيه وچ ۾ گڏيل سهڪار جي موقعن تي غور ڪيو ويو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن علائقائي صورتحال ۽ سفارتي قدمن جي حمايت لاءِ گڏيل ڪوششن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي. نار عرب ۽ ڳاڙهي سمنڊ ۾ آبي گذرگاهن جي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ ۽ فريڊم آف نيويگيشن سان علائقائي سلامتي ۽ استحڪام کي هٿي ملندي.