بدين- 11 آگسٽ (اي پي پي) چيئرپرسن سوشل ويلفيئر ڪميٽي ايم اين اي حاجي رسول بخش چانڊيو سنڌ حڪومت ۽ يو اي پي جي گڏيل سهڪار سان فراهم ڪيل 3 ايمبولينسون پي پي ايڇ آءِ بدين جي حوالي ڪري ڇڏيون آهن، اهي ايمبولينسون پي پي ايڇ آءِ جي نگراني هيٺ هلندڙ رورل هيلٿ سينٽر شهيد فاضل راهو، بيسڪ هيلٿ يونٽ ڪپري موري ۽ بيسڪ هيلٿ يونٽ ڦلڪارا لاءِ استعمال ڪيون …
چيئرپرسن سوشل ويلفيئر ڪميٽي ايم اين اي حاجي رسول بخش چانڊيو پاران 3 ايمبولينسون پي پي ايڇ آءِ بدين جي حوالي، صحت ۽ تعليم سنڌ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهن: حاجي رسول بخش چانڊيو

مزید خبریں
بدين- 11 آگسٽ (اي پي پي) چيئرپرسن سوشل ويلفيئر ڪميٽي ايم اين اي حاجي رسول بخش چانڊيو سنڌ حڪومت ۽ يو اي پي جي گڏيل سهڪار سان فراهم ڪيل 3 ايمبولينسون پي پي ايڇ آءِ بدين جي حوالي ڪري ڇڏيون آهن، اهي ايمبولينسون پي پي ايڇ آءِ جي نگراني هيٺ هلندڙ رورل هيلٿ سينٽر شهيد فاضل راهو، بيسڪ هيلٿ يونٽ ڪپري موري ۽ بيسڪ هيلٿ يونٽ ڦلڪارا لاءِ استعمال ڪيون وينديون ايمبولينسون جديد ۽ ضروري طبي سامان سان ليس آهن، جن ۾ آڪسيجن سميت زندگي بچائڻ لاءِ گهربل ٻيو ضروري سامان پڻ موجود آهي، جنهن جي مدد سان هنگامي حالت ۾ مريضن کي بروقت طبي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ اسپتال منتقل ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي ايمبولينسون پي پي ايڇ آءِ حوالي ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ايم اين اي حاجي رسول بخش چانڊيو چيو ته صحت ۽ تعليم سنڌ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهن ۽ عوام کي بهتر صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت پاران ڀرپور ڪوششون جاري آهن، هن چيو ته ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ايمبولينس جي سهولت سان مريضن کي بروقت اسپتال پهچائڻ ۾ وڏي مدد ملندي، جڏهن ته ڳڻتي جوڳي حالت ۾ موجود مريضن کي ننڍن صحت مرڪزن مان ترت وڏي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪري سگهجي ٿو هن پي پي ايڇ آءِ جي لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ايمبولينسون عوام جي خدمت لاءِ هر وقت فعال حالت ۾ رکيون وڃن ۽ انهن جي باقاعده سار سنڀال کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته ڪنهن به فني خرابي جي صورت ۾ فوري طور مرمت ڪرائي وڃي ته جيئن ايمبولينسون ڊگهي عرصي تائين ڪارآمد رهن ۽ عوام کي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي هنگامي طبي سهولت فراهم ڪري سگهجي ان کان اڳ چيئرپرسن سوشل ويلفيئر ڪميٽي ۽ ايم اين اي حاجي رسول بخش چانڊيو جي صدارت ۾ ڪميٽي روم ۾ اهم اجلاس پڻ منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ ضلعي ۾ صحت ۽ ٻين عوامي ڀلائي وارن معاملن بابت مختلف معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۽ ايمبولينسون پي پي ايڇ آءِ حوالي ڪرڻ واري تقريب ۾ ڊپٽي ڪمشنر بدين ياسر ڀٽي، ايم پي اي حاجي تاج محمد ملاح، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر زاهد حسين سولنگي، ايگزيڪيوٽو انجنيئر ايجوڪيشن ورڪس اسد منڌرو، ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر سرفراز سمون، اسسٽنٽ ڪمشنر بدين راجيش دلپت، يو اي پي آفيسر شڪيل، چيئرمين ٽائون ڪميٽي شهيد فاضل راهو عبدالسلام آرائين، ڊسٽرڪٽ مينيجر پي پي ايڇ آءِ بدين اي طاهر لاشاري، پي پي ايڇ آءِ بدين بي رضيه اڄڻ سميت مختلف لاڳاپيل کاتن جي آفيسر ۽ نمائندن شرڪت ڪئي.











