ڪراچي- 11 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه چيو آهي ته مذهبي اقليتون پاڪستان جو اهم ۽ احترام جوڳو حصو آهن، جڏهن ته ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ اقليتي برادرين جون خدمتون ۽ ڪردار ساراهه جوڳو آهي. اقليتي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته 11 آگسٽ اسان کي قائداعظم محمد علي جناح جي ان ويزن جي ياد ڏياري ٿو …
ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ اقليتي برادرين جون خدمتون ۽ ڪردار ساراهه جوڳو آهي: سيد اويس قادر شاهه

مزید خبریں
ڪراچي- 11 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه چيو آهي ته مذهبي اقليتون پاڪستان جو اهم ۽ احترام جوڳو حصو آهن، جڏهن ته ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ اقليتي برادرين جون خدمتون ۽ ڪردار ساراهه جوڳو آهي. اقليتي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته 11 آگسٽ اسان کي قائداعظم محمد علي جناح جي ان ويزن جي ياد ڏياري ٿو ته پاڪستان ۾ سمورن شهرين کي برابري جا حق حاصل آهن. سيد اويس قادر شاهه چيو ته هندو، سک، عيسائي ۽ ٻين مذهبي اقليتن ملڪ جي مختلف شعبن ۾ ترقي لاءِ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. 2009ع ۾ 11 آگسٽ کي قومي اقليتي ڏهاڙو قرار ڏيڻ اقليتي برادرين جي خدمتن جي اعتراف ۽ سندن حقن جي تحفظ جي عزم جو اظهار آهي. هن چيو ته پاڪستان جو آئين سمورن شهرين کي مذهبي، سماجي، سياسي ۽ معاشي حقن جي ضمانت ڏئي ٿو، تنهن ڪري قائداعظم جي اصولن موجب رواداري ۽ هڪٻئي جي احترام کي هٿي وٺرائڻي پوندي. هن چيو ته ڀارت به اقليتن، خاص طور ڪشميري عوام جي بنيادي حقن جو احترام ڪري ۽ ظلم ۽ ڏاڍ جو خاتمو ڪري.











