ڪراچي - 11 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي محنت، افرادي قوت ۽ سماجي تحفظ واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته مزدورن ۽ پورهيتن جي مفادن خلاف سنڌ ۾ ڪنهن به قسم جي قانونسازي نه ڪئي ويندي، جڏهن ته ليبر ڪوڊ بابت سمورن اسٽيڪ هولڊرن سان تفصيلي مشاورت ڪئي ويندي ۽ کين مڪمل اعتماد ۾ ورتو ويندو. هن اهڙو اظهار گذريل ڏينهن سنڌ اسيمبلي جي ڪميٽي روم ۾ …
مزدورن ۽ پورهيتن جي مفادن خلاف سنڌ ۾ ڪنهن به قسم جي قانونسازي نه ڪئي ويندي: صوبائي وزير سعيد غني

مزید خبریں
ڪراچي – 11 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي محنت، افرادي قوت ۽ سماجي تحفظ واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته مزدورن ۽ پورهيتن جي مفادن خلاف سنڌ ۾ ڪنهن به قسم جي قانونسازي نه ڪئي ويندي، جڏهن ته ليبر ڪوڊ بابت سمورن اسٽيڪ هولڊرن سان تفصيلي مشاورت ڪئي ويندي ۽ کين مڪمل اعتماد ۾ ورتو ويندو. هن اهڙو اظهار گذريل ڏينهن سنڌ اسيمبلي جي ڪميٽي روم ۾ سنڌ جي مختلف مزدور تنظيمن ۽ مزدور اڳواڻن سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ مزدور اڳواڻ حبيب الدين جنيدي، فرحت پروين، زهره خان، نسيم رائو، مختيار حسين، ناصر منصور، لياقت علي ساهي، حسين بادشاهه ۽ ٻيا موجود هئا. ان موقعي تي سنڌ جي محنت کاتي جو سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، ڊي جي ليبر نذير احمد سومرو، ڊائريڪٽر سيد اطهر علي شاهه، قمر الحسن، آر ايس سنجناڻي، وسيم جمال ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر پڻ موجود هئا. ملاقات دوران صوبائي وزير سعيد غني مزدور اڳواڻن جا مسئلا تفصيل سان ٻڌا ۽ انهن جي حل لاءِ لاڳاپيل معاملن تي غور ويچار ڪيو. هن سيڪريٽري محنت ۽ ڊي جي ليبر کي مزدورن جي مسئلن جي حل لاءِ ضروري ۽ فوري قدم کڻڻ جون هدايتون پڻ جاري ڪيون. ملاقات ۾ سنڌ ۾ مزدورن سان لاڳاپيل مختلف قانونن ۽ تجويز ڪيل ليبر ڪوڊ بابت تفصيلي مشاورت ڪئي وئي. صوبائي وزير سعيد غني چيو ته سنڌ حڪومت مزدورن ۽ پورهيتن جي حقن ۽ مفادن جي تحفظ کي اولين ترجيح ڏئي ٿي. هن واضح ڪيو ته مزدورن جي مفادن خلاف سنڌ ۾ ڪنهن به قسم جي قانونسازي نه ڪئي ويندي. هن چيو ته ليبر ڪوڊ تيار ڪرڻ ۽ اهو لاڳو ڪرڻ کان اڳ سمورن لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرن، خاص طور مزدور تنظيمن ۽ ملازمن سان مشاورت ڪئي ويندي ۽ کين مڪمل اعتماد ۾ ورتو ويندو. سعيد غني چيو ته اسان جي ڀرپور ڪوشش آهي ته مزدورن ۽ ملازمن جي مڪمل مشاورت کانپوءِ سنڌ ۾ ليبر ڪوڊ لاڳو ڪيو وڃي، جڏهن ته ڪنهن به ڌر کي ڪنهن شق بابت خدشو يا تحفظ هوندو ته ان کي گڏيل مشاورت سان حل ڪيو ويندو. هن چيو ته سنڌ حڪومت چاهي ٿي ته صوبي ۾ ليبر قانون اهڙي نموني لاڳو ٿين، جن سان مزدورن ۽ ملازمن ٻنهي جا مسئلا حل ٿي سگهن ۽ ٻنهي ڌرين جي جائز حقن ۽ مفادن جو تحفظ يقيني بڻجي. سعيد غني وڌيڪ چيو ته حڪومت لاءِ ضروري آهي ته ليبر قانونن کي عملي ضرورتن سان هم آهنگ بڻايو وڃي، جيئن مزدورن کي سندن حق حاصل ٿين ۽ صنعت، واپار ۽ روزگار جي شعبن ۾ به مناسب قانوني سهولتون ۽ وضاحت موجود هجي. ان موقعي تي مزدور اڳواڻن صوبائي وزير کي پنهنجن مختلف مسئلن ۽ خدشن کان آگاهه ڪيو ۽ ليبر ڪوڊ بابت پنهنجي راءِ پيش ڪئي. مزدور اڳواڻن چيو ته کين سنڌ حڪومت مان مڪمل اميد آهي ته مزدورن جي مفادن خلاف ڪنهن به قسم جي قانونسازي نه ڪئي ويندي. هنن چيو ته ليبر ڪوڊ بابت مزدورن کي اعتماد ۾ وٺي. انهن جي مشاورت سان صوبائي وزير سعيد غني پاران جيڪي ڪوششون ڪيون پيون وڃن، اهي ساراهه جوڳيون آهن. مزدور اڳواڻن چيو ته هو چاهين ٿا ته ليبر ڪوڊ ۾ مزدورن جي حقن جو مڪمل تحفظ يقيني بڻايو وڃي، جڏهن ته قانونسازي اهڙي هجي جيڪا مزدورن ۽ ملازمن ٻنهي لاءِ عمل جوڳي هجي. هنن وڌيڪ چيو ته رڳو مزدورن جي مفادن کي ڏسڻ بدران صنعت ۽ ملازمن جا جائز مسئلا به سامهون رکڻ ضروري آهن، پر ان سان گڏ مزدورن جا بنيادي ۽ قانوني حق ڪنهن به صورت ۾ متاثر نه ٿيڻ گهرجن. مزدور اڳواڻن چيو ته سنڌ جي سمورن مزدورن کي اعتماد ۾ وٺي، انهن جي مشاورت سان ليبر ڪوڊ لاڳو ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن ۽ اميد آهي ته ايندڙ مرحلن ۾ به مزدور تنظيمن سان مشاورت جو سلسلو جاري رکيو ويندو.











