اسلام آباد- 08 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ڇنڇر تي پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر علي خان جي والده جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. قومي اسيمبلي سيڪٽريٽ مان جاري ڪيل بيان موجب پنهنجي تعزيتي پيغام اسپيڪر، بيرسٽر گوهر علي خان ۽ سندس ڏکويل ڪٽنب سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. سردار اياز صادق چيو ته …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پاران بيرسٽر گوهر جي والده جي لاڏڻي تي تعزيت جو اظهار
اسلام آباد- 08 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ڇنڇر تي پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر علي خان جي والده جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. قومي اسيمبلي سيڪٽريٽ مان جاري ڪيل بيان موجب پنهنجي تعزيتي پيغام اسپيڪر، بيرسٽر گوهر علي خان ۽ سندس ڏکويل ڪٽنب سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. سردار اياز صادق چيو ته ماءُ جو وڇوڙو هڪ وڏو نقصان آهي، دنيا ۾ ماءُ جي شفقت، محبت جو ڪو به نعم البدل نه ٿو ٿي سگهي. اسپيڪر چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ اسان بيرسٽر گوهر علي خان ۽ سندس ڪٽنب جي غم ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن ڌڻي در مرحومه جي بلند درجن ۽ سوڳوار ڪٽنب لاءِ صبر جي دعا ڪئي.










