سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي ملاقات

اسلام آباد- 08 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان ڇنڇر ڏينهن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ۽ ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مطابق ملاقات دوران پارلياماني معاملن، قومي اهميت جي معاملن، اداري جاتي هم آهنگي ۽ سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي قدمن تي ڳالهيون ڪيون ويون. سيد يوسف …

اسلام آباد- 08 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان ڇنڇر ڏينهن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ۽ ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مطابق ملاقات دوران پارلياماني معاملن، قومي اهميت جي معاملن، اداري جاتي هم آهنگي ۽ سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي قدمن تي ڳالهيون ڪيون ويون. سيد يوسف رضا گيلاني ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ٻنهي ايوانن وچ ۾ ويجهي هم آهنگي ۽ گڏيل تعاون جمهوري روايتن کي مستحڪم ڪرڻ ۽ اثرائتي پارلياماني نظام کي يقيني بڻائڻ لاءِ ضروري آهي. اسپيڪر سردار اياز صادق قانونسازي جي عمل کي وڌيڪ اثرائتو، مربوط ۽ عوامي لاڳاپن جي مطابق بڻائڻ لاءِ اداري جاتي تعاون کي هٿي وٺرائڻ جي اهميت تي زور ڀريو. ملاقات دوران ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي به ڳالهيون ڪيون ويون. اڳواڻن قومي اتحاد کي هٿي وٺرائڻ، آئين جي پاسداري، جمهوري ادارن جي استحڪام ۽ قومي مفاد ۾ آئيني ادارن وچ ۾ ويجهي هم آهنگي ۽ گڏيل احترام کي برقرار رکڻ جي عزم جو ورجاءُ به ڪيو.