اسلام آباد- 08 آگسٽ (اي پي پي) بحرين، سعودي عرب پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ گڏيل دفاعي معاهدي تي صحيحن جي آجيان ڪئي آهي. بحرين جي پرڏيهي وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب مڪه گڏيل دفاعي معاهدي تي سعودي ولي عهد محمد بن سلمان، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردگان صحيحون ڪيون آهن. بيان ۾ ٽنهي ملڪن جي شاندار دفاعي صلاحيتن ۽ فوجي مهارت کي …
بحرين پاران سعودي عرب، پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ مڪه گڏيل دفاعي معاهدي تي صحيحن جي آجيان
اسلام آباد- 08 آگسٽ (اي پي پي) بحرين، سعودي عرب پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ گڏيل دفاعي معاهدي تي صحيحن جي آجيان ڪئي آهي. بحرين جي پرڏيهي وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب مڪه گڏيل دفاعي معاهدي تي سعودي ولي عهد محمد بن سلمان، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردگان صحيحون ڪيون آهن. بيان ۾ ٽنهي ملڪن جي شاندار دفاعي صلاحيتن ۽ فوجي مهارت کي اجاگر ڪندي گڏيل دفاعي معاهدي کي وسيع علائقائي دفاعي نظام ۾ هڪ اهم اضافو قرار ڏنو ويو آهي. بحرين جي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته سعودي عرب جي سلامتي بحرين جي پنهنجي سلامتي لاءِ ضروري آهي. اسان قومي خودمختياري لاءِ سمورن قدمن جي مڪمل حمايت جو اظهار ڪيون ٿا، جڏهن ته بحرين علائقائي سلامتي جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ ۽ علائقائي مسئلن جي سياسي حل کي هٿي وٺرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو.










