اسلام آباد- 08 آگسٽ (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم سعودي عرب، پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ مڪه دفاعي معاهدي کي سٺو سنوڻ قرار ڏنو آهي. مڪه دفاعي معاهدي جي حوالي سان او آءِ سي جي ”ايڪس“ تي جاري پيغام ۾ سيڪريٽري جنرل اهم اسٽريٽجڪ قدمن کي ساراهيندي مڪمل حمايت جو اظهار ڪيو. پنهنجي پيغام ۾ سيڪريٽري جنرل ٽنهي ملڪن جي دانشمنداڻي …
سعودي عرب، پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ مڪه دفاعي معاهدو، او آءِ سي پاران نيڪ خواهشن جو پيغام
اسلام آباد- 08 آگسٽ (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم سعودي عرب، پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ مڪه دفاعي معاهدي کي سٺو سنوڻ قرار ڏنو آهي. مڪه دفاعي معاهدي جي حوالي سان او آءِ سي جي ”ايڪس“ تي جاري پيغام ۾ سيڪريٽري جنرل اهم اسٽريٽجڪ قدمن کي ساراهيندي مڪمل حمايت جو اظهار ڪيو. پنهنجي پيغام ۾ سيڪريٽري جنرل ٽنهي ملڪن جي دانشمنداڻي قيادت ۽ اڻٿڪ ڪوششن کي ساراهيو، جن جي ڪري هي تاريخي معاهدو طئي ٿيو. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته هي معاهدو خطي ۽ اسلامي دنيا ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ اهميت رکي ٿو، هي معاهدو خطي ۽ پوري مسلم دنيا ۾ سلامتي ۽ استحڪام جي حمايت لاءِ هڪ بنيادي ٿنڀ جي جوڙجڪ ڪري ٿو. هن چيو ته هي معاهدو وڌندڙ سيڪيورٽي چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ ۽ ميمبر ملڪن وچ ۾ يڪجهتي ۽ تعميري ڀائيواري کي هٿي ڏيڻ جي گڏيل عزم جي عڪاسي آهي.










